اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڻي جو وڏو مسئلو ته اڃان اچڻو آهي ۽ صوبا هينئر کان ئي پاڻي چوري ٿيڻ جون دانهون پيا ڪن. امير ملڪ عالمي وارمنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ فنڊ ڏين. اهڙو اظهار هن پاڪستان جي ميزباني ۾ ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، وزير اعظم عمران خان چيو ته پاڪستان لاءِ ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي ميزباني اعزاز جهڙي ڳالهه آهي، ماحوليات جي بهتري جي لاءِ دنيا پاڪستان جي ڪاوشن کي قبول ڪري رهي آهي، دنيا قبول ڪيو ته پاڪستان کي ايندڙ نسلن جي ڳڻتي آهي. وزير اعظم چيو ته پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ماحوليات تي ڌيان نه ڏنو، ڇانگا مانگا، ميانوالي ۽ ٻين شهرن جا وڏا وڏا ٻيلا اسان جي آڏو تباهه ٿيا، لاهور ۾ گدلاڻ جي شرح ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي چڪي آهي، عالمي وارمنگ رڳو هڪ يا ٻن ملڪن کي نه پر سڄي خطي کي وڪوڙيندي آهي، عالمي وارمنگ جي ڪري پاڻي جو وڏو مسئلو آڏو پيو اچي، اسان جي صوبن مان هينئر ئي پاڻي جي مسئلن تي آواز پيا اٿن. اسان جي ملڪ جا صوبا هڪ ٻي تي پاڻي چوري ڪرڻ جا الزام هڻي رهيا آهن، اڳتي پاڻي جو بحران وڌيڪ سنگين ٿي ويندو، پاڻي جو وڏو مسئلو ته اڃان اچڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو 80 سيڪڙو پاڻي برفاني جبلن مان اچي ٿو ۽ اهي موسمياتي تبديلين جي ڪري متاثر ٿي رهيا آهن، ان سان ڀارت سميت ڪيترائي ملڪ به متاثر ٿيندا. وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته دنيا جي سڀ کان وڏن امير ملڪن گلوبل وارمنگ جي مقابلي لاءِ مناسب اپاءِ نه ورتا آهن، پاڪستان گرمي پد ۾ گهٽتائي جي لاءِ دنيا جي ڪنهن به ٻي ملڪ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته سڀ کان وڌيڪ ماحول دشمن گيس ترقي يافته ملڪن ۾ئي خارج ٿئي ٿي ۽ آئون سمجهان ٿو ته انهن گئسن جي اخراج کي روڪڻ لاءِ مناسب اپاءِ نه ورتا آهن. عمران خان چيو ته پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن ضرورت کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي ته جيئن عالمي گرمي پد ۾ اضافو ۽ ماحوليات جي مسئلن کي روڪي سگهجي. هن چيو ته محدود وسيلن جي باوجود اسرندڙ ملڪن چڱا خاصا قدم کنيا آهن جڏهن ته انهن کي صحت ۽ تعليم جهڙا مسئلا به درپيش آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جي آمدني ۽ جي ڊي پي جي تناسب سان پاڪستان ڪنهن ٻي ملڪ جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪم ڪيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ايڪو لوجيڪل جي بحالي جي منصوبن کانسواءِ پاڪستان گرين فنانسنگ جي عالمي شرح ۾ اضافي لاءِ به جامع قدم کنيا آهن ته جيئن ماحول دوست منصوبن جي فنانسنگ وڌائي سگهجي ۽ ٻارڻ لاءِ ڪاٺي جي استعمال تي ڀاڙڻ گهٽ ڪيو وڃي. تقريب کي ورچوئل خطاب ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته ماحولياتي تبديليءَ کي روڪڻ ڪنهن هڪ ماڻهو جو ڪم نه آهي، ايندڙ 10 سال انتهائي اهم آهن. بهتر مستقبل لاءِ اهڙن فيصلن جي گهرج آهي جيڪي ماحول دوست ثابت ٿين.
138