235

وفاق ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏي ناانصافي ڪري رهيو آهي: مرتضيٰ وهاب

ٺٽو (ويب ڊيسڪ) قانون ۽ ماحوليات جي صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وھاب چيو آھي ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏي سنڌ سان وفاق ناانصافي ڪري رهيو آهي، 1991ع جي پاڻي معاهدي تي فوري طور تي عمل ڪري سنڌ کي سُڪائڻ کان بچايو وڃي، ھن اھي ڳالھيون ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ماحوليات واري ڏھاڙي تي منعقد ڪيل ماحولياتي تقريب ۾ صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو، مرتضيٰ وھاب صوبائي وزير سردار شاھه سان گڏ ڳالھائيندي صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت جي ناڪام معاشي، سماجي ۽ اقتصادي پاليسين سبب ملڪ اندر غير يقيني واري صورتحال آھي ۽ عوام سنگين بک، بدحالي ۽ بيروزگاري واري صورتحال مان گذري رھي آھي، مرتضيٰ وھاب چيو ته سنڌ ۾ هن وقت پاڻي جي سنگين کوٽ آهي ۽ ارسا توڙي وفاق پاران چشما لنڪ ڪئنال کي کولي سنڌ جي پاڻي جي حق تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، اهڙي زيادتي ۽ ناانصافي خلاف سنڌ حڪومت ڀرپور آواز اُٿاري رهي آهي، هن چيو ته موجوده وفاقي حڪومت خاص طور تي عمران خان سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيو آهي، جنهن سبب ڪوٽڙي کان هيٺ سنڌو درياءُ ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري بدترين صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جنهن جي ذميوار وفاقي حڪومت آهي، ھن چيو ته موجوده وفاقي حڪومت جي ناڪام پاليسين سبب عوام معاشي سماجي بدترين صورتحال کي منهن ڏيئي رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران عوام جي نمائندگي لاءِ جاري ڪيل پاليسيون انتهائي اهميت جوڳيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو