اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ارسا ڊگهي وقت کان پوءِ پاڻي جي ورڇ ٽي رخي فارمولا بدران پاڻي جي 91ع واري موجب ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ارسا ترجمان چيو آهي ته ارسا جي اجلاس ۾ پاڻي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ وڏي وقت کان اسڪردو ۾ گرمي پد 31 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گذريل سال هن ڏينهن تي اتي گرمي پد 22 ڊگري هو. بهتر گرمي پد سبب ندين ۾ پاڻي 290،000 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي جيڪو هڪ ڏينهن اڳ جي ڀيٽ ۾کان 19،500 ڪيوسڪ وڌيڪ آهي. تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 3 فيٽ وڌي وئي آهي، جڏهن ته منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح اٽڪل 2 فيٽ تائين وڌي وئي آهي. ڊيمن ۾ پاڻي جي ڪل مقدار ۾ هڪ لک 11 هزار ايڪڙ فيٽ جي واڌ ٿي آهي. پاڻي جي ورڇ 91ع واري معاهدي جي آرٽيڪل 2 هيٺ ڪئي وئي، سنڌ جي حصي ۾ 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي واڌ ڪئي وئي، سنڌ جي پاڻي جو ڪل حصو هڪ لک 15 هزار ڪيوسڪ مان وڌائي هڪ لک 20 هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو. پنجاب جو ڪل حصو هڪ لک 7 هزار ڪيوسڪ آهي.
223