ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مرغي جي گوشت جون قيمتون وڌائي تحريڪ انصاف اربين روپيه ڪمائي ورتا، هاڻ افسوسناڪ طور تي قيمتون گهٽ ڪري ان جو ڪريڊٽ به ورتو ويندو، پنهنجي هڪ بيان ۾ پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تحريڪ انصاف حڪومت جي ناقص معاشي پاليسين تي سخت تنقيد ڪئي، هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت مهانگائي جو الزام آءِ ايم ايف تي لڳائي پنهنجي نااهلي تي پردو نٿي وجهي سگهي، پيپلز پارٽي چيئرمين مطابق حڪومت سخت شرطن تي آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري قوم جي خودداري کي داءُ تي لڳايو، بلاول ڀٽو مطابق عمران خان جي سرپرستي ۾ مافيا صرف 3 مهينن دوران مرغي جي گوشت جون قيمتون 110 سيڪڙو تائين وڌايون، مرغي جي گوشت جون قيمتون وڌائي تحريڪ انصاف اربين روپيه ڪمائي ورتا، هاڻ افسوسناڪ طور تي قيمتون گهٽ ڪري ان جو ڪريڊٽ به ورتو ويندو، هن جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ ڪورونا دوران مهانگائي 4.29 ۽ بنگلاديش ۾ 5.54 سيڪڙو رهي، پاڪستان ۾ مهانگائي 10.9 سيڪڙو ڇو آهي، بلاول ڀٽو موجب ملڪ ۾ بدترين اقتصادي بحران آهي، عمران خان بجيٽ ۾ تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن کي اربين روپين سان نوازڻ جو منصوبو بڻائي رهيو آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن کي بجيٽ ۾ 96 ارب روپين سان نوازڻ جو منصوبو عوام دشمن آهي، هن چيو ته وزيراعظم ڌانڌلي ذريعي چونڊجي ايندڙ پنهنجي اسيمبلي ميمبرن تي اربين روپيه نه لٽائي. اهي پئسا عوام جي فلاح ۽ بهبود تي خرچ ڪيا وڃن، پيپلز پارٽي چئيرمين بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته عمران خان جي حڪومت هينئر تائين پنهنجو 5 ساله اقتصادي منصوبو سامهون ناهي آڻي سگهي، وزيراعظم عوام کي صاف صاف ٻڌائي ته هو بنا ڪنهن منصوبه بندي جي اقتدار ۾ آيو آهي.
192