لاهور(ويب ڊيسڪ) فاسٽ بالر نسيم شاهه چيو آهي ته پي ايس ايل لاءِ پرجوش آهيون، ان جو انتظار ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته پي ايس اي جو الڳ ئي مزو آهي، دنيا ۾ پاڪستان جو اهو برانڊ ڏسي سگهجي ٿو، نسيم شاهه چيو ته خوشي آهي ته پي ايس ايل جي شيڊول جو اعلان به ٿي چڪو آهي، ڪرڪيٽ سان پنهنجي لڳاءُ کي هن ائين بيان ڪيو ته ڪرڪيٽ منهنجي زندگي آهي، ڪاٿي به کيڏي وڃي خوشي ٿيندي آهي، نسيم شاهه چيوته فٽنيس جي لاءِ تمام گهڻي محبت ڪئي، 100 سيڪڙو پرفارمنس جي لاءِ تيار آهيان.
120