173

ڪرشن چندر: هڪ اڀياس

ليکڪ: الطاف ابڙو

ٻارڙا پنهنجن وڏڙن کان ڪهاڻيون ڇو ٿا ٻڌن؟ ان سوال تي ڪرشن چندر وراڻيو هو ته، ”رات جو ڊڄ مٽائڻ لاءِ“. پر هن اهو نه لکيو ته لکڻ وارا ڪهڙي خوف سبب لکن ٿا؟ تڏهن به هن اهو ضرور لکيو ته هو پاڻ ڇو ٿو لکي، جڏهن ته عام طور لکڻ جو مقصد شهرت ۽ دولت ڪمائڻ به آهي پر ننڍي کنڊ ۾ لکڻ جي وسيلي دولت ۽ شهرت ڪمائڻ ايترو آسان نه آهي. اتي شوقيه لکڻ وارا پيشيور لکڻ وارن کان وڌيڪ آهن. هُو لکي ٿو ته، ٻالڪپڻ ۾ منهنجو والد راجا بلديو سنگهه (هڪ رياست جي راجا) کي ڏسڻ ويو جيڪو بيمار هو. مان به ان سان گڏ هئس. اتي منهنجي ملاقات ٻن شهزادن سان ٿي، انهن مون کي پنهنجا رانديڪار ڏيکاريا ۽ مون کان پڇيائون، ”ڊاڪٽر جا پٽ! تو وٽ ڏيکارڻ لاءِ ڇا آهي؟“ مان شرمندو ٿي چيو، ”ڪجهه به نه“. هنن منهنجو کيسو ماناڙي ان مان اڇي ڳن وارو چاقو ڪڍي ورتو، جڏهن مون کانئن پنهنجو چاقو گهريو ته انهن نه موٽايو. مون کين چماٽون وهائي ڪڍيون. هو ٻئي مون تي ڪڙڪي پيا ۽ ڏاڍي مار ڏنائون. منهنجي روئڻ تي منهنجو والد آيو ۽ ماجرا پڇي مون کي ئي چماٽ وهاءِ ڪڍيائين ۽ چيائين: ”بدمعاش راجڪمارن تي ٿو هٿ الارين“. اهو چاقو موٽي نه مليو. ڪرشن چندر لکي ٿو ته، ”اهو ته مون کي بعد ۾ معلوم ٿيو ته ماڻهو ائين ڪن ٿا: اڇي ڳن وارو چاقو، ڪا حسين ڇوڪري، ڀلي زمين جو ٽڪر، سڀ انهيءَ ريت کسي ٿا وٺن، پوءِ موٽائين ڪونه ٿا. انهي ريت جاگيرون هلن ٿيون. اڄ تائين مون جيڪي ڪجهه لکيو آهي، اهو انهي اڇي چاقو کي ٻيهر هٿ ڪرڻ لاءِ لکيو آهي“. ايترو ڪافي آهي سمجهڻ لاءِ ته ڪرشن چندر سوشلسٽ ليکڪ هو ۽ چاقو کسڻ وارا سرمائيداراڻي نظام جا مالڪ هئا. هن اها ويڙهه سڄي زندگي جاري رکي… البت ان کانپوءِ هن جيڪي چيو سو پنهنجن ڪردارن جي واتان چيو. ڪرشن چندر سوشلزم کان تمام گهڻو متاثر هو. ڪرشن چندر جو جنم گجرانوالا پاڪستان ۾ ٿيو هو. اسڪول جي پڙهائي دوران ئي پنهنجي استاد جي خلاف طنزيه ليک لکي پيءُ جي مار ۽ قسم کاڌائين ته هو ته هاڻي ائين نه ڪندو، پر ائين نه ٿي سگهيو. پڙهائي کانپوءِ آڪاشواڻي ۾ نوڪري ته مليس پر اتي دل نه لڳس. 1939ع ۾ شايع ٿيڻ واري ڪهاڻي جي مجموعي ”نظاري“ جي مهاڳ ۾ ڪجهه هيئن لکيائين: ”ان ڪرشن چندر جي ياد ۾ جنهن کي گذريل نومبر جي هڪ ٿڪل ۽ اداس شام جو خود هنن هٿن سان گلو گهوٽي هميشه لاءِ خاموش ڪرائي ڇڏيو اٿم“. خوشقسمتيءَ سان هو مئو ڪونه پر مرڻينگ ٿيو ۽ جلد ئي نوڪري ڇڏي هوشمند سڏرايائين. ان دوران ڪرشن چندر ڪجهه ناٽڪ. ڪهاڻيون ۽ ناول لکيا. ”شڪست“ ان ڪڙي ۾ سڀ کان مٿي آهي، جنهن کيس مختلف انداز جي قصه گو طور مشهو ڪري ڇڏيو. هونئن ته ڪرشن چندر جو ادبي سفر ”جهلم پر ناو“ کان شروع ٿيو هو جنهن جا ڪردار ٻه عورتون آهن. ڪرشن چندر پنهنجي باري ۾ هڪ مضمون ”سيلف پورٽريٽ“ ۾ لکيو هو ته، ”مون ڪيترا ڀيرا ڪوڙا قسم کاڌا آهن، پاڻ کي ۽ ٻين کي دوکا ڏنا آهن، خوشامدون ڪيون آهن، وڙهيو آهيان، آئون پنهنجي تعريف تي خوش ٿيو آهيان ۽ ٻين جي تعريف تي ساڙ به ٿيو اٿم. جڏهن ڪنهن ۾ ڪم پيو اٿم ته ان جي ڪڍ پئجي ويو آهيان ۽ ڪم لهڻ کانپوءِ ائين وساري ڇڏيو اٿمانس ڄڻ ته اهو ڪڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ شامل ئي نه هو. ڪيترائي ڀيرا دوستن مون کان اوڌر گهري ته هڙ ۾ پئسو هوندي به مون کين پئسا نه ڏنا. ساحر چيو هو ته،

”دنيا ني تجربه و حوادث ڪي شڪل مين

جو ڪڇ مجهي ديا هي وه لوٽا رها هون مين“

سو ڳالهه ڪرشن چندر جي ادبي سفر جي هئي، سندس ڪهاڻيون مسلسل اخبارن رسالن ۾ ڇپيون مقبول ٿينديون ويون. تمام جلد هو اردو جي اعليٰ افسانه نگارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. هي اها ڪهڪشان هئي جنهن ۾ منٽو، راجندر سنگهه بيدي، اُپيندر ناٿ ’اشڪ‘ ۽ عصمت چغتائي شامل هئا. ڪرشن چندر يا عمر پنهنجي سياسي اصولن تي محڪم رهيو. پرولتاريا جا سور سندس ڪهاڻين جو ٿيم رهيا. هن ان منزل تائين رسڻ ۾ هڪ ڊگهو سفر طئي ڪيو، فيض احمد فيض جيان هن رومانيت کان شروعات ڪئي ۽ سوشلزم ڏانهن به کيس رومانيت ئي هرکايو. ڪرشن چندر خوشقسمت ليکڪ رهيو آهي يا شايد اڪيلو اردوءَ جو ليکڪ رهيو آهي، جنهن ڪتابن مان ملڻ واري رائلٽي مان پنهنجي زندگي گذاري ورتي. سندس حصي ۾ 32 ڪهاڻين جا مجموعا، 46 ناول، 15 کان 20 ناٽڪ، ڪن ڪتابن جي ادارت، هڪ ٻن فلمن جا اسڪرين پلي، ڊائلاگ ۽ ٻارن جو ادب شامل آهي. پريم چند ۽ رابندر ناٿ ٺاڪر کانپوءِ هو ٽيون ڀارتي ليکڪ آهي جنهن جا سنڌي سميت ڀارت جي 16 ۽ 65 کان وڌيڪ دنيا جي ٻين ٻولين ۾ ترجما ٿيا آهن، ڇاڪاڻ ته هو سوشلسٽ هو. 8 مارچ 1977ع تي هڪ اسپتال ۾ دل جي وارڊ ۾ داخل پنهنجي موت کان هڪ رات اڳ هن پنهنجي زال سلميٰ صديقي کي چيو،”سلميٰ نيچر سان ايتري جنگ ڪرڻ ٺيڪ نه آهي. منهنجو سڏ اچي چڪو آهي ته مون کان مرڪي موڪلائي ۽ منهنجي مرڻ کان فورن پوءِ هتان کان هلي وڃجانءِ. ڪرشن چندر سوشلسٽ هو ۽ جنگ جي خلاف هو. پنهنجي ڪتاب نئي زاويي جي مهاڳ ۾ هو لکي ٿو ته ”لڙائي مان ڪو به حساس اديب خوش نٿو ٿئي… جڏهن هڪ سپاهي مري ٿو ته هڪ دنيا مريو ٿي وڃي، هڪ خيال مري ٿو وڃي، هڪ اميد مري ٿي، هڪ ڪتاب مري ٿو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي نئين ايجاد، سچائي سونهن سڀ مري وڃن ٿا ۽ دنيا اڳي کان وڌيڪ ويران، غريب ۽ ڪمزور ٿي وڃي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو