ليکڪ:انيس باقي بلوچ
ڪجهه عرصو پهريان لاڙڪاڻي جي وي آءِ پي روڊ تان گذر ٿيو، جتان منهنجي اوچتي نظر سر شاهنواز ڀٽو لائبريري جي گيٽ تي پئي جتي هزارين شاگرد قطارن ۾ بيهي ڪري لائبريري کلڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا ساڳي حالت شمس العلماءُ دائودپوٽا لائبريري حيدرآباد، سچل سرمست لائبريري خيرپور، معصوم شاهه لائبريري سکر ۽ قادر بخش بيدل لائبريري شڪارپور جي آهي جتي هزارين شاگرد صبح جو دروازا کلڻ جو انتظار ڪندا آهن ۽ مختلف چٽاڀيٽي امتحانن جي تياري به ڪندا آهن، سي ايس ايس هجي يا هجي پي سي ايس جهڙا چٽا ڀيٽي جا امتحان سنڌ جي شاگردن انهن ۾پنهنجو پاڻ مڃايو آهي، سي ايس ايس وفاقي سطح جي چٽاڀيٽي جو امتحان آهي جيڪو هر سال ٿيندو آهي، پر پي سي ايس صوبائي سطح تي ٿيندو آهي اهو امتحان ڪجهه وقت اڳ هر چئن سالن کانپوءِ ڪرايو ويندو هو پر 2018ع کان وٺي هر سال ڪرايو وڃي ٿو، جنهن جا تازا مثال 2018ع، 2019ع ۽ 2020ع جا مسلسل امتحان آهن، پي سي ايس وارو امتحان وفاق جي سي ايس ايس کان مختلف آهي، سنڌ جي امتحان ۾ شاگرد کان پهرين اسڪريننگ ٽيسٽ، وري لکت ۽ آخر ۾ انٽرويو ورتو ويندو آهي ۽ وفاق جي امتحان ۾ صرف لکت ۽ زباني انٽريو ورتو ويندو آهي، مون اڪثر ڳوٺن، وستين، واهڻن ۾ ڪيترائي ذهين ۽ هوشيار شاگرد/ شاگردياڻيون ڏٺيون آهن، انهن جي والدين سان ملندو آهيان، چوندو آهيان ته هي هوشيار آهي هن کي سنڌ ڪميشن ڪرايو، ته اهي چوندا آهن ته ڪميشن غريب جي ٻار،لاءِ ناهي اتي وڏا وڏا واڳون ويٺا آهن اهي اسان جي ٻچڙي کي ڪٿي آفيسر ٿيڻ ڏيندا، هتي ته رئيسن جا ٻار، ڏوڪڙ ۽ سفارش تي ڪامياب ٿيندا آهن، دي انسائيڪلوپيڊيا مطابق سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڳڻپ سنڌ جي اوائلي ادارن ۾ ٿئي ٿي، ان جو بنياد پهرين اپريل 1937ع تي بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ پيو. ان زماني ۾ هيءَ ڪميشن ”سنڌ- بمبئي پبلڪ سروس ڪميشن“ سڏبي هئي. پاڪستان ٺهڻ کان ٻه هفتا اڳ، پهرين آگسٽ 1947ع تي ان گڏيل ڪميشن کي ٽوڙي سنڌ لاءِ الڳ ”سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن“ قائم ڪئي وئي، جنهن جو پهريون چيئرمئن خانبهادر محمد دائم صديقي مقرر ٿيو، جيڪو بمبئي- سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر پڻ رهيو هو. مسٽر ايڇ بي هنڱوراڻي ۽ ايم اي صديقي ان نئين ڪميشن جا ميمبر مقرر ٿيا. ان ڪميشن جو عرصو پهرين آگسٽ 1947ع کان 4 آڪٽوبر 1955ع تائين رهيو، ڇاڪاڻ جو پوءِ ون يونٽ لاڳو ٿيو ۽ ان کي ”ويسٽ پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن“ ۾ ضم ڪيو ويو، ويسٽ پاڪستان ڪميشن جي هيڊ آفيس لاهور ۾ قائم هئي ان ڪميشن جو عرصو 1970ع تائين رهيو، جولاءِ 1970ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ٻيهر اصلي صورت ۾ بحال ٿي، 31 ڊسمبر 1970ع تائين ڪجهه مهينا ڪميشن غير فعال رهي، ڇاڪاڻ جو تڏهوڪو چيئرمئن جسٽس فيروز علي نانا پرڏيهه ويل هو. صوبن جي بحالي ۽ ون يونٽ جي خاتمي بعد ڪميشن کي ويسٽ پاڪستان آرٽيڪل 19 تحت ”سنڌ- بلوچستان پبلڪ سروس ڪميشن“ جي گڏيل حيثيت ڏني وئي، جنهن جو چيئرمئن سنڌ مان (جسٽس فيروز علي نانا) ۽ هڪ ميمبر بلوچستان مان مقرر ٿيل هو، جڏهن ته ٻه ميمبر سنڌ مان هئا، ان عرصي دوران به ڪميشن ويسٽ پاڪستان ڪميشن وارن قاعدن ۽ ضابطن (1957) تحت هن ريت ڪم جاري رکيو، سنڌ ۽ بلوچستان مان خالي آسامين تي ابتدائي طور اميدوارن جون ڀرتيون ڪرڻ، سرڪاري ملازمن جي ترقين جا ڪيس اڪلائڻ، ايڊهاڪ ملازمن کي مستقل ڪرڻ بابت فيصلا ڪرڻ، روينيو، پوليس ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن جي پروموشن پاليسي جوڙڻ، سرڪاري ملازمن پاران ڪنهن به قاعدي، ضابطي جي ڀڃڪڙيءَ تي ”سروس ٽربيونل“ جي حيثيت سان فيصلا ڪرڻ، سنڌ ۽ بلوچستان جي سرڪاري ملازمن لاءِ ڊپارٽمينٽل امتحان منعقد ڪرڻ وغيره، جمهوري حڪومت جي قيام بعد 14 آگسٽ 1973ع تي پاڪستان ۾ جيڪو آئين لاڳو ٿيو، ان تحت هر صوبي کي پنهنجي الڳ پبلڪ سروس ڪميشن جو حق ڏنو ويو، اهڙيءَ طرح 5 ڊسمبر 1973ع تي سنڌ اسيمبليءَ پڻ SPSC Act ائڪٽ (1973) تحت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن لاءِ هڪ چيئرمئن ۽ ٽي ميمبر مقرر ڪيا، البت ميمبرن جي تعداد ۾ سنڌ حڪومت اضافو پڻ ڪري پئي سگهي SPSC ايڪٽ (1973) جي سيڪشن 6 تحت، 28 مارچ 1974ع تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هنن قاعدن ۽ ضابطن تحت ڪم شروع ڪيو، گريڊ 16 ۽ ان کان مٿي جي آسامين لاءِ سرڪاري کاتن، سول سروس توڙي سرڪار جي هٿ هيٺ ڪم ڪندڙ خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشن وغيره لاءِ ڀرتين جو انتظام ڪرڻ.، اميدوارن جي اهليت يا گهربل تعليمي قابليت وغيره بابت حڪومت کي مشورا موڪلڻ، ڊپارٽمينٽل ۽ لئنگئيج ايگزام (ٻوليءَ جا امتحان) ڪرائڻ. مارشل لا جي خاتمي بعد SPSC آرڊيننس 1978ع کي SPSC ايڪٽ 1989ع ۾ تبديل ڪيو ويو، ان تحت ڪميشن جي ڪم ڪار ۾ خاص تبديليون ته ڪونه ڪيون ويون، پر چيئرمئن جي مقرريءَ جا اختيار گورنر کان وٺي سنڌ حڪومت کي ڏنا ويا، اهڙيءَ ريت حڪومت 1989ع کان 2001ع تائين چيئرمئن جي مقرري سميت 6 کان 15 ميمبر مقرر ڪرڻ جا اختيار رکيا، انهيءَ وچ ۾ 12 آڪٽوبر 1999ع تي ملڪ جي چونڊيل حڪومت جو تختو الٽيو ۽ جنرل پرويز مشرف انتظام سنڀاليا، ان دوران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وارا اختيار ٻيهر سنڌ حڪومت کان گورنر کي واپس ڪيا ويا ۽ SPSC جو ترميمي آرڊيننس 8 ڊسمبر 2001ع تي لاڳو ڪيو ويو. ان آرڊيننس تحت ڪميشن جي چيئرمئن ۽ ميمبرن جو مدو 5 سال مقرر ڪيو ويو، جنهن تحت انهن جي توسيع يا ٻيهر مقرري نه ٿيندي ۽ ميمبرن جو تعداد 10 کان مٿي نه هوندو، ان کانسواءِ ڪميشن کي پابند بڻايو ويو ته صوبائي کاتن ۾ آفيسرن جي انضمام يا ڪيڊر بابت حڪومت کي مشورا ڏيندي ۽ جيڪڏهن گورنر اهي مشورا قبول نه ڪندو ته هو ڪميشن کي آگاهه ڪندو.
(هلندڙ)