235

معاشي بهتري لاءِ سياسي بهتري پهريون شرط آهي…!!

ليکڪ: سهيل وڙائچ

خوشي جي ڳالهه آهي ته اوچتو معاشي اشارن ۾ بهتري اچڻ شروع ٿي وئي آهي، ٻه اڍائي سالن کان ناڻي واري شرح کان وٺي هر معاشي اشارو منفي يا ڪمزور رجهانن وارو هو، پر هاڻي اسٽاڪ مارڪيٽ کان وٺي زرعي شعبي تائين بهتري جو رجهان نظر اچڻ شروع ٿي ويو آهي، پر سياست ۾ اهو ئي ڊيڊلاڪ آهي، اهي ئي منفي رويا آهن، حد ته اها آهي حڪومت ۽ مخالف رخ پاڻ ۾ ڳالهين لاءِ به تيار ناهن، مطلب ته معيشت ۾ بهتري اچڻ باوجود سياست اڃا به بدتر وڃي پئي، بجيٽ اچڻ کان اڳ حڪومتي حلقن معاشي اشارن ۾ بهتري جو راڳ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان اوچتو بهتري تي خوشگوار حيرت ٿي آهي، ڇو ته ٽيڪسٽائل، ڪنسٽرڪشن ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ جي انگن اکرن مان معيشت ۾ بهتري جي تصديق ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي، مختلف فصلن ۽ زرعي شعبي ۾ به بهتري آئي ۽ اتي به خريد ۽ وڪري ۾ نمايان واڌ نوٽ ڪئي وئي آهي. معيشت ۾ بهتري سٺي خبر آهي پر رياست ۽ حڪومت تڏهن ئي اڳتي وڃي سگهن ٿا جڏهن سياست واري شعبي ۾ به ڊيڊلاڪ ختم ٿئي. چونڊ سڌارن تي عمل شروع ٿئي، ٻي قانونسازي ٿئي ته جيئن نظام جي اصلاح ٿئي ۽ اسان هڪ قوم طور اڳتي وڌي سگهون، پر بدقسمتي اها آهي ته سياست ۾ اڃا تائين پري پري تائين ڳالهين جو ڪو به امڪان نظر نه ٿو اچي. دنيا ۾ هر ملڪ اندر حڪومت ۽ مخالف ڌر هوندي آهي، انهن جا پاڻ ۾ اختلاف به فطري آهن پر مهذب جمهوري ملڪن ۽ پٺتي پيل ملڪن ۾ فرق اهو آهي ته اتي حڪومت پرڏيهي پاليسي ۽ مالياتي پاليسي سميت هر اهم رياستي معاملي تي مخالف ڌر سان ڳالهيون ڪندي آهي، قانونسازي جي معاملي ۾ ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ مسلسل تعاون ۽ مشورا جاري رهندا آهن، اسان جو الميو اهو اهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر پاڻ ۾ ڳالهائڻ لاءِ به تيار ناهن. حڪومت اهو سمجهي ٿي ته اسان مخالف ڌر سان ڳالهايون ٿا ته اها اين آر او گهري ٿي، جڏهن ته مخالف ڌر چوي ٿي ته هڪ طرف هي اسان کي جيلن ۾ وجهي رهيا آهن ۽ ٻئي طرف ڳالهيون ڪرڻ چاهين ٿا، اها ٻٽي روش آخر ڇو؟ حڪومت ڪجهه عرصي کان قانونسازي تي ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي پر مخالف ڌر کي ماضي ۾ اهڙا تلخ تجربا ٿي چڪا آهن جو اها حڪومت سان ڳالهين جي ميز تي اچڻ لاءِ تيار ناهي، ان جو سبب اهو آهي ته هڪ اداري تحت گرفتارين کانپوءِ مخالف ڌر ان حد تائين پهچي چڪي آهي ته حڪومت ڳالهين لاءِ ته تعاون چاهي ٿي پر گرفتارين ۽ مجموعي ماحول بابت حڪومت مخالف ڌر سان تعاون لاءِ تيار ناهي. سياست جي دنيا هجي يا اسان جو سماج، جڏهن به ڪنهن سان ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون ته ان وقت ماحول کي خوشگوار ۽ سازگار بڻايو وڃي ٿو، حڪومت ان حوالي سان اڳڀرائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اصولي طور تي جيڪڏهن ڳالهيون ڪرڻيون آهن ته حڪومت کي گرفتار مخالف ڌر جي اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ گهرجي، ۽ پوءِ وڃي مخالف ڌر جي اڳواڻن کي درخواست ڪرڻ گهرجي ته اهي قانونسازي جي معاملي ۾ تعاون ڪن، في الحال حڪومت اهڙو ڪو به قدم ناهي کنيو، جنهن جي ڪري قانونسازي تي ڳالهين ۾ دير ٿي رهي آهي. سياست سان گڏوگڏ رياستي معاملن ۾ به مخالف ڌر کي شريڪ نه پيو ڪيو وڃي، اسان جي پاڙي افغانستان مان آمريڪي فوج جو نڪرڻ انتهائي وڏو واقعو آهي، جنهن سان نه صرف افغانستان پر هن سڄي خطي تي اثر پوندا. اسان کي وري وري اها خبر پڙهڻ لاءِ ملي ٿي ته پاڪ فوج افغانستان جي معاملن تي صلاح مشورا ڪيا، اها خبر به ڇپجي چڪي آهي ته وزيراعظم کي افغان صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، هجڻ ته اهو گهرجي ته افغانستان جي مسئلي تي مخالف ڌر جي ليڊرن کي به بريفنگ ڏني وڃي ته جيئن انهن کي به اهو احساس ٿئي ته اهي به ملڪي معاملن واري مشوري ۾ شريڪ آهن. مخالف ڌر جا اڳواڻ به حڪومت وانگر ملڪ جا چونڊيل ماڻهو آهن، انهن کي عوام چونڊي پارليامينٽ ۾ موڪليو آهي، رياست ۽ حڪومت کي جيڪڏهن ملڪ اندر سياست ۾ بهتري آڻڻي آهي ته مخالف ڌر کي ان جو جائز مقام ڏين. رياستي بريفنگن ۾ انهن کي گهرايو وڃي ۽ انهن کي قومي ڊائيلاگ جو حصو بڻايو وڃي. ڪنهن به ملڪ جي مجموعي ترقي ۽ خوشحالي ڏسڻي هجي ته معاشي اشارن کانسواءِ انساني وسيلن، جمهوري حقن، اظهار جي آزادي ۽ غربت جي پئمانن کي ڏٺو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ اڃا معيشت بهتر ٿي رهي آهي پر سياست جي فرنٽ تي في الحال بهتري جو امڪان نظر نه ٿو اچي، جيڪڏهن ملڪ جي مجموعي صورتحال ۾ بهتري آڻڻي آهي ته پوءِ سياست ۽ معيشت سميت سمورن محاذن تي بهتري آڻڻي پوندي. وزيراعظم عمران خان هن وقت انتهائي پراعتماد آهي، معيشت ۾ بهتري جي خبرن کيس وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو آهي، ان لاءِ هاڻي ضروري ٿي ويو آهي ته هو سياست جي ڦاٽل دل کي به سبڻ جي ڪوشش ڪري، حڪومت ۽ مخالف ڌر جي اختلاف ته سدائين قائم رهڻو آهي، انهن کي هڪٻئي خلاف چونڊ به وڙهڻي آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اختلافن جي باوجود قانونسازي لاءِ ماحول بڻايو وڃي.مخالف ڌر جي ڳالهين جي ميز تي نه اچڻ جا سبب سمجهه ۾ اچن ٿا پر انهن کي به گهرجي ته اهي قومي ضرورتن جو خيال ڪن. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين هڪ ٽيڪنالاجي آهي، ڀارت ۾ چونڊن لاءِ اها ٽيڪنالاجي ڪاميابي سان استعمال ڪئي پئي وڃي، اسان کي ٽيڪنالاجي کي رد نه ڪرڻ گهرجي پر ان کي دوست بڻائڻ گهرجي، مخالف ڌر اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي رد ڪرڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو آهي ان تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي ۽ چونڊ نظام کي جن جن طريقن سان بهتر ڪري سگهجي ٿو ان ۾ تعاون ڪرڻ گهرجي. قانونساز ۽ چونڊ سڌارن جي حوالي سان حڪومت کي پهريون قدم کڻڻون پوندو. حڪومت ان لاءِ اعتمادسازي جا قدم کڻي، هڪ وزارتي ٽيم ٺاهي، جيڪا مخالف ڌر ۽ حڪومتي اتحادين سان ڳالهيون ڪري، قانونسازي جي تفصيلن کي اخبارن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي جاري ڪيو وڃي، انهن تي قومي بحث ٿئي ۽ پوءِ پارليامينٽ ۾ نيو وڃي. ياد رکيو وڃي ته جيڪڏهن سياست ان طرح سان تار تار رهي ته معيشت ۾ حاصل ٿيندڙ ڪاميابيون ڪنهن به احتجاج، جلوس، تحريڪ يا لانگ مارچ جي نتيجي ۾ ضايع ٿي سگهن ٿيون. معاشي ڪاميابي برقرار رکڻي آهي ته سياست کي به بهتر ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو