ليکڪ: رياض هاشم لاشاري
سنڌ، جيڪا پيار، محبت، امن، مذهبي هم آهنگي ۽ رواداريءَ جي سرزمين طور ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سڃاتي ويندي هئي، افسوس ته اڄ اها ئي سنڌ عدم برداشت ۽ انتهاپسنديءَ جي ور چڙهي، پنهنجي امن ۽ صوفي ازم واري سڃاڻپ ته متاثر ضرور ڪري رهي آهي، پر گڏوگڏ پنهنجي خوشحال مستقبل جي خوابن ۽ اميدن کي پڻ ختم ٿيندي ڏسي رهي آهي ، ڇاڪاڻ ته عدم برداشت ۽ اناپرستي اهڙا منفي عنصر آهن، جيڪي نفرتن کي هٿي ڏيندا آهن ۽ اهي نفرتون انتشار پيدا ڪنديون آهن. اهو سچ آهي ته جڏهن ڪنهن قوم ۾ انتشار پيدا ٿي ويندو آهي ته ان قوم جي ترقي رڪجي ويندي آهي ۽ اها قوم ترقيءَ جي راهه تان ٿڙي، تباهيءَ جي اونهي کڏ ۾ ڪري پوندي آهي، جتان نڪرڻ ڏکيو هوندو آهي ۽ بيحد افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي معاشري ۾ عدم برداشت، اناپرستي ۽ نفرتن سبب قبيلائي دهشتگرديءَ جو ڄار تيزي سان پکڙجي رهيو آهي پنهنجي اهڙي حال تي سنڌ روئي رهي آهي، سوال ڪري رهي آهي ته سندس سيني تي هي نفرتن جو ٻج ڇو ٿو ڇٽيو وڃي؟ سنڌ اهو به پڇي ٿي ته مون کي رت سان ڇو ٿو رڱيو وڃي؟ نفرتن، انتهاپسندي ۽ اناپرستيءَ سبب روز جو روز انساني جانين جو قتل ۽ غارت ڇا اها اسان جي سڃاڻپ يا روايت آهي؟ روز جي اخبارن، ٽي وي چئنلن ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي اتر سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن علائقي مان اهڙي خبر ٻڌڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ضرور ملي ٿي، جيڪا قبيلائي دهشتگردي جي واقعن جو پتو ڏئي ٿي. ڪو اهڙو هفتو نه ٿو گذري، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنهن علائقي ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ قبيلائي تڪرار سبب ڪو ڪونڌر زخمي يا قتل نه ٿيو هجي. هيءَ هولي آخر ڪيسيتائين جاري رکي ويندي؟ ڇا اهڙي قتل عام کي سنڌي سماج جو رواج يا ڪلچر جو حصو بڻائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي؟ اها ڪيڏي نه ستم جي ڳالهه آهي ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي انا کي تسڪين ڏيڻ خاطر هڪ ٻئي جي رت جا پياسا ٿين ٿا، جهڙيءَ ريت سنڌ ۾ انسان هٿان انسان ٿو ڪُسجي. اسان اهڙا منظر رڳو فلمن ۾ ڏسندا آهيون پر جڏهن ساڳي خونريزي اسان کي روزمرهه جي حقيقي زندگيءَ ۾ ڏسڻ لاءِ ملي ته پوءِ اها انتها جي به انتها آهي. قبيلائي جهيڙن واري صورتحال ۾ ڌريون هڪ ٻئي خلاف هر وقت مورچابند رهن ٿيون، جنهن سبب واهڻ، وستين ۽ علائقن کي ويراني نصيب ٿئي ٿي، انهن تڪرارن جي آڙ ۾ زمينون به غير آباد ٿيون رهن، انهن زمينن ۾ ڪم ڪندڙ هاري ۽ آبادگار پڻ معاشي بدحاليءَ جو شڪار بڻجي وڃن ٿا، نتيجي ۾ جهيڙيندڙ ڌريون پنهنجي آمدنيءَ لاءِ منفي وسيلن جهڙوڪ؛ اغوا، چوري، ڦر لُٽ، ڌاڙا وغيره ذريعي پئسو هٿ ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿيون ۽ آمدني جي اهڙن منفي وسيلن سبب معاشري مان امن ۽ سڪون به ختم ٿي ويندو آهي، جنهن سان معاشرو مايوسيءَ جي ور چڙهي ويندو آهي، تڪرارن جي ماحول ۾ سدائين خوف ۽ ڏهڪاءَ واري حالت برقرار رهندي آهي، متاثر ڌرين جي دلين ۾ خوف گهر ڪري ويندو آهي. کين هر وقت اهو اونو ۽ ڊپ هوندو آهي ته مخالف ڌُر ڪڏهن به ڪنهن وقت به مٿن حملي آور ٿي سگهي ٿي. اهڙي فڪر ۽ ڳڻتيءَ جي ڪري هو ذهني ۽ نفسياتي مريض پڻ بڻجي ويندا آهن. قبيلائي انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ جا جتي ٻيا انتهائي هاڃيڪار اثر پون ٿا، اتي ان خوني راند ۾ تعليم جو به نقصان ٿئي ٿو، ويڙهاند واري علائقي ۾ خوف ۽ ويرانيءَ سبب درسگاهن کي تالا لڳن ٿا، جنهن ڪري معصوم ٻارَن جي هٿن ۾ ڪتاب ۽ قلم جي جاءِ تي هٿيار ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ان سڄي صورتحال مان فائدو تَر جي سياسي ڀوتارن ۽ جُرڳائي وڏيرن کي ٿئي ٿو، ڇو ته اهي پنهنجي سياسي اثر، معتبريءَ ۽ بادشاهيءَ کي قائم رکڻ لاءِ جهيڙن ۾ متاثر ڌرين کي راڄوڻو جرڳو ڪرڻ ڏانهن قائل ڪن ٿا، تنهنڪري، ضرورت اُن ڳالهه جي آهي ته سنڌ لاءِ ناسور بڻيل قبيلائي جهيڙن جهڙي لعنت جي پاڙ پٽڻ لاءِ اسان کي پنهنجي لطيف جي ان پيغام ته ”وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾“ کي نه صرف سمجهڻو آهي پر ان تي عمل به ڪرڻو پوندو، ڇو ته شاهه صاحب پنهنجي پيغام ذريعي متحد ٿيڻ ۽ پرامن معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ هدايت سان گڏ تاڪيد به ڪئي آهي. اسان کي پرامن معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي اندر مان انا جو جنازو ڪڍي، سهپ، برداشت ۽ رواداري جي راهه تي هلڻو پوندو، هڪ ٻئي سان پيار ۽ محبت سان پيش اچڻو پوندو ۽ اهو به سمجهڻو پوندو ته اسان ان ڌرتيءَ جا ڌڻي آهيون، جيڪا امن، روادري ۽ ڀائپيءَ جو ٻيو نالو آهي. اهي سڀ ڳالهيون تڏهن عمل ۾ اچي سگهن ٿيون، جڏهن اسان عقل۽ شعور مان ڪم وٺنداسين. شعور حاصل ڪرڻ لاءِ تعليم جو پيڇو ڪرڻو پوندو، ڇو ته تعليم ئي عقل، سمجهه ۽ شعور بخشي، مثبت راهه ڏانهن وٺي ويندي آهي.