ليکڪ: يوسف جميل لغاري
هُو جنهن مهل ننڍڙو هو، تنهن وقت ڏاڍو لڄارو هو، گهٽ ڳالهائيندو هو، ماڻهن سان ملڻ جهُلڻ توڙي پنهنجي هم عمر ٻارن سان گهمڻ ڦرڻ کي ترجيح ڪونه ڏيندو هو. اسڪول ويندو هو ته سندس هم ڪلاسي انهي آسري ۾ هوندا هئا ته ڪنهن وقت ٿو هي ”سٻاجهڙو ٻار“ ڳالهائي؟ ته جيئن سندس آواز ٻُڌي سگهون، سندس اندر جي آنڌ مانڌ کي سمجهي سگهون. خاموشي ته ڄڻ ساڻس گڏ پيدا ٿي هئي. سندس سُرمئي اکيون سفيد خواب ڏسنديون هيون. سندس اکين مان لڙڪ ڪونه ڪرندا هئا، سندس اکيون هميشه ڏوراپن سان ڀريل هونديون هيون. هُو جو اندر ئي اندر ۾ پنهنجي پاڻ سان وڙهندڙ هو، سندس قميص جو اڳيون کيسو پنن سان ڀريل هوندو هو، گهر کان نڪرندي جڏهن اسڪول ويندو هو ته واٽ تي پيل هر هڪ ڪاغذ جي ٽڪري کي کڻي اُنهن ۾ مقدس نالا ڳولهيندو هو، اها سندس ڪرت هئي، جنهن ڪاغذن ۽ لفظن سان سندس شناسائي ڪرائي ۽ جڏهن ڪنهن ڪاغذ يا اخباري ٽڪري تي کيس ڪنهن مقدس نالي منجهان ڪو نالو نظر ايندو هو ته، هُو اُن ڪاغذ کي ساري سنڀالي پنهنجي قميص جي اڳين کيسي ۾ انهي اميد سان رکندو هو ته شام جو ميرواهه جي وهندڙ پاڻي ۾ اُن ڪاغذ کي لوڙهي ڇڏيندو، پر زندگي ساڻس اهڙا کوڙ سارا اتفاق ڪندي رهي جو کيس وقت ئي نه ملي سگهيو ته هُو اُنهن ڪاغذ جي ٽڪرن کي ميرواهه جي حوالي ڪري سگهي. اسڪول کان واپس ايندي رستن تان ميڙيل سڀئي ڪاغذ ساڳي اميد سان گهر جي ڪنڊ ۾ پيل ننڍڙي پيتي ۾ به رکندو هو. هُو ته ڄڻ ڪنهن پرديسي پکي جي پيار جو متلاشي هو. کيس ڪهڙي شيءِ متاثر ڪندي هئي ۽ ڪهڙي نه، ان جو پتو اڄ تائين سندس گهرڀاتين کي ئي نه پئجي سگهيو. رات ٿيندي هئي ته سندس اکيون جاڳي پونديون هيون ۽ هُو اُنهن اکين سان ڪڏهن آسمان جي ستارن کي ته وري ڪڏهن پنهنجي ڀرسان سُتل پنهنجي گهرڀاتين کي ڏسي ڪري روئي پوندو هو. زندگي جا حسين پل نه ڪڏهن سندس حصي ۾ آيا ۽ نه ئي ڪڏهن اُن پنهنجي زندگي جي ڪنهن پل کي حسين بنائڻ لاءِ ڪا ڪوشش ڪئي. سندس ڪمري جي ديوارن تي کوڙ سارا اڌورا عڪس چٽيل هوندا هئا. هُو واندڪائي جي گهڙين ۾ ڪمري جي ديوارن تي عجيب و غريب جملا لکندو هو. سندس هٿ اکر ايڏا ته خوبصورت ۽ سهڻا هوندا هئا جو جيڪڏهن اُنهن جي تصوير ڪو ڇڪي ها ته هوند کيس اهو گمان ضرور ٿئي ها ته ”هي سڀ ڪجهه ڪنهن مصور جي ڪاريگري آهي جو اُن ايڏي خوبصورتي سان چٽسالي ڪئي آهي“. هُن جو جيون ڄڻ دردن جو ديوان هو، جنهن جي هر هڪ صفحي تي رڳو ڀوڳنائون، ازيتون ۽ پيڙاهه جا پٿر پيل هئا. زندگي سرد هوائن سان هن جي هميشه آجيان ڪندي هئي ۽ هُو هميشه مسڪرائي ڪري سڀئي سور پنهنجي سر تي کڻندو هو. جنهن عمر ۾ ٻيا عام رواجي نوجوان ڪرڪيٽ، ٻلاڙو ۽ والي بال جهڙا راند کيڏندا آهن، اُنهي عمر ۾ هُو ڪتاب پڙهندو هو. ڪتاب سان سندس جيءَ ائين جُڙي ويو جيئن حياتي جو جياپو پاڻي سان جُڙيل آهي. پاڻي آهي ته زندگي به آهي ۽ جتي پاڻي ناهي، اُتي زندگي به ناهي، جيڪڏهن ٿوري ٿڪي مقدار ۾ زندگي آهي به ته اُها مفلوج ۽ ڪنهن ڪم جي نه آهي. هُو صحرا ۾ ڀٽڪندڙ روحن جيان رولاڪ ۽ وڪايل روح سان گڏ ڄائو هو. خواب، جتي زندگي ۾ اميد جي ڪرڻي کي پيدا ڪرڻ جو سبب آهن، اُتي ئي وري ڪجهه خواب اهڙا به هوندا آهن جيڪي صرف ۽ صرف ماڻهو کي ازيت ڏيڻ جو سبب بڻجندا آهن. هُن جي سرمئي اکين ۾ پلجندڙ سفيد خوابن کي ساڀيان ته نه ملي سگهي پر الٽو اُنهن سفيد خوابن سندس زندگي کي رات جي ڪاراڻ جهڙي گگهه اونداهي ۾ گهيلي ڪري اُڇليو. سندس مڙني خوبين مان هڪ خوبي اها به هئي ته هُو پنهنجي سڄي ڄمار ۾ ڪنهن ڳوٺ واري توڙي مٽ مائٽ سان نه وڙهيو هو. سندس زندگي ائين ئي ڪنهن اونهي اسرار جيان ڳجهي ٿيندي وئي ۽ هُو اُن ڳجهه کي ڪتابن ۾ ڳولهيندو رهيو. ڪتاب جيڪي زندگي جو ڏس ڏيندا آهن پر کيس ڪو به مطمئن ڪندڙ جواب مهيا نه ڪري سگهيا. کوڙ سارا اهڙا سوال ۽ مونجهارا هر روز سندس ذهن ۾ پيدا ٿيندا هئا جن جا جواب ڳولڻ ۾ کيس کوڙ سارو وقت لڳي ويو.