ايڊيٽوريل
رستم ۾ جتوئي برادري جي ڪمالاڻي ۽ عطراڻي ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو هلندڙ آهي، ٻنهي ڌرين ۾ هلندڙ جهيڙي ۾ عورت سميت 9 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، ۽ ڌرين وچ ۾ بدلي جي باهه اڃا به جهڪي ناهي ٿي، اخباري رپورٽن مطابق ٻن مهينن جي وٿي کانپوءِ ڪچي واري علائقي ۾ ڌرين ۾ ٻيهر جهيڙو شروع ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ڳوٺ تي حملي ۾ هڪ 10 ورهين جو معصوم نينگر قتل ٿي ويو آهي، جڏهن ته مقتول جي پيءُ سميت 4 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. رپورٽن مطابق حملو ڪندڙ ڌر 20 ڍور به ڦر ڪري فرار ٿي وئي آهي، مقتول نينگر جو لاش حد جي پوليس خانپور اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن عورتن حوالي ڪيو آهي، وارث عورتن اسپتال ۾ احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته عطراڻي ۽ سعدخاناڻي ڌر جي هٿياربندن اسان جي نينگر کان زوري ڍور کسي بيگناهه قتل ڪيو آهي، هنن دانهيندي چيو آهي ته ڄاڻايل جوابدارن ڪجهه مهينا اڳ به اسان جا 4 ڄڻا قتل ڪيا هئا، پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري. جهيڙي جو ڪارڻ ڪجهه مهينا اڳ ڪارنهن تڪرار ٻڌايو پيو وڃي، جنهن ۾ سعدخاناڻي ڌر جو هڪ، عطراڻي ڌر جا 2 ۽ ڪمالاڻي ڌر جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن. ڪجهه وقت جڏهن جهيڙي ۾ پنج ڄڻا قتل ٿيا هئا ته علائقي ۾ پوليس چوڪي قائم ڪئي وئي هئي، جيڪا وري ختم ڪئي وئي.اها بدقسمتي آهي ته اهڙو ڪو به ڏينهن نه آهي جنهن ۾ سڄي سنڌ ۽ خاص ڪري اتر وارن علائقن ۾ برادري جهيڙن تان ڪو ماڻهو قتل نه ٿو ٿئي. شڪارپور، جيڪب آباد، گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ-ڪشمور، سکر ۽ خيرپور ضلعا ان حوالي سان هاڻي ان بدنام زمانه لسٽ تي آهن، جتي بدامني ڄڻ ته ماڻهن جو نصيب بڻائي وئي هجي. شڪارپور ضلعو ته ايترو خطرناڪ بڻيل آهي جو اتي ڏينهن ڏٺي جو هٿياربند سرعام ماڻهو ته ڇا پوليس اهلڪار به قتل ڪري آجا بڻيل آهن. جنهن جو مثال ڪجهه ڏينهن اڳ ڳڙهي تيغو واري علائقي ۾ شهيد ٿيل 2 اهلڪار آهن. ڄاڻايل واقعي تي وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ نوٽيس ورتا، وڏا وڏا اعلان ڪيا ويا، ڌاڙيلن خلاف آپريشن جون هامون هنيون ويون ۽ هن وقت به سنڌ پوليس جا ڪمانڊوز، بڪتربند گاڏيون ۽ سوين اهلڪار ڪچي جي بندن تي ويٺل آهن. پر خبر ناهي ته اهي ڇا جي لاءِ ويٺل آهن؟، انهن اهلڪارن جي ان آپريشن واري پرئڪٽس تي روزانو لکين رپيا خرچ ايندو هوندو ۽ جيترن ڏينهن کان اهي ويٺل آهن ڪجهه به ڪرڻ کانسواءِ هن وقت تائين انهن مٿان ڪجهه ڪروڙ رپيا ته خرچ ٿي چڪا هوندا. نتيجو ڪجهه به نه آهي. خبر نه آهي ته اهڙيون ڪهڙيون مجبوريون آهن جو حڪومتون به ڌاڙيلن آڏو بيوس آهن. اسان سمجهون ٿا ته جيستائين ڄاڻايل علائقن کي هٿيارن کان خالي نه ڪيو ويندو ۽ بي رحم ۽ بنا فرق وارو آپريشن نه ٿيندو تيستائين ڄاڻايل علائقن جي ماڻهن مٿان موت جي لٽيڪل تلوار ۽ بدامني وارو راڪاس نه ٽرندو. ان ڪري هاڻي حڪومت ۽ اختيارين کي سنجيدگي سان سنڌ جي ماڻهن جي مالڪي ڪرڻي پوندي ۽ انهن مٺ جيترن ڏوهارين کي لوهي هٿن سان منهن ڏيڻو پوندو. ٻي صورت ۾ تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي.