اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهر وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته حڪومت کي ڪو خطرو ناهي، عمران خان مقدر جو سڪندر ۽ خوش قسمت انسان آهي جنهن کي نااهل، نالائق نڪمي ۽ بي ڪار اپوزيشن ملي آهي، شهباز شريف طرفان اي سي ايل ۾ نالو وجهڻ کي چيلنج ڪرڻ جي تاريخ گذري چڪي آهي، وزيراعظم عمران خان جي پرجوش قيادت، حڪومتي پاليسي، قوم جي سهڪار ۽ ويڪسينيشن سان ڪورونا جي ٽئين لهر تي ضابطو آندو آهي پر احتياط جي اڃان به ضرورت آهي. آچر تي اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته صحت جي عالمي اداري جو ٿورائتا آهيون جنهن اسانجو ساٿ ڏنو، چين جو پڻ شڪريو ادا ڪريون ٿا جنهن پاڪستان کي ويڪسين فراهم ڪئي، پاڪ چين دوستي هماليا کان بلند آهي، اسلام آباد ۾ ڪورونا ڪيسز وڌيڪ هئا، فوتگين جي شرح تمام گهڻي هئي پر ان ۾ گهٽتائي آئي آهي ان تي طبي عملي جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته جيڪو طبي عملو ڪورونا وائرس جي وبا دوران پنهنجون پيشيوراڻيون خدمتون ادا ڪندي زندگي وڃائي ويٺا اهي شهادت جو رکن ٿا. انهن هڪ تاريخ جوڙي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ ويڪسين جو عمل ٻين ملڪن کان بهتر آهي، اڳ ۾ ماڻهن ۾ ان ڏانهن رجحان نه هو ان بابت پروپيگنڊا ڪيو وڃي پيو، ان ڪري ماڻهو ان خلاف هئا پر هاڻي رجحان پيدا ٿيو آهي، پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ويڪسين جي عدم دستيابي جا ڪيترن ئي شهرن ۾ بورڊ لڳل نظر اچن ٿا پر پاڪستان ۾ ڪٿي اهڙي صورتحال ناهي، هن چيو ته سائنو فارم تمام زبردست ويڪسين آهي، فائزر جي حوالي سان خدشن جي حوالي سان وزيراعظم پاڻ لاڳاپيل ملڪن سان ڳالهائي رهيو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ عمران خان کي نااهل، نالائق، نڪمي ۽ بي ڪار اپوزيشن ملي آهي ۽ اهي ڊسمبر جي تاريخ ڏئي رهيا هئا هاڻي عمران خان ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پيش ڪرڻ وڃي رهيو آهي ۽ عمران خان کان پوري اميد آهي ته هو سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ مناسب اضافو ڪندو. هن چيو ته نواز شريف گوري ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ان ڪري شهباز شريف کي اسان ٻاهر نه وڃڻ ڏنو، هن جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ۽ هاڻي ان خلاف رجوع ڪرڻ جو وقت گذري چڪو آهي. هن چيو ته اپوزيشن پارٽين ۾ جتين ۾ دال ورهائجي رهي آهي، عمران خان خوش قسمت ۽ مقدر جو سڪندر آهي، هن جا ستارا بلند آهن، حڪومت کي ڪو خطرو ناهي. جهانگير ترين جا سمورا ووٽ پڻ بجيٽ ۾ حڪومت کي پوندا. اسلام آباد پوليس جون صلاحيتون وڌائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ايگل اسڪواڊ بڻايو پيو وڃي، پوليس لاءِ 150 موٽر سائيڪلون ۽ 16 گاڏيون وٺي رهيا آهيون. ان موقعي تي صحت جي عالمي اداري جي نمائندي چيو ته ڪورونا جي خاتمي لاءِ مربوط حڪمت عملي سان گڏو گڏ گڏيل سهڪار جي ضرورت آهي. هن ڪورونا وبا دوران اختيار ڪيل پاڪستان جي حفاظتي قدمن جي ساراهه ڪئي.
