ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪاره بشريٰ انصاري ۽ ٽڪ ٽاڪر جنت مرزا ۾ لفظي جنگ شروع ٿي وئي آهي، رپورٽ موجب ڪجهه ڏينهن اڳ ٽڪ ٽاڪر جنت مرزا عيسائي مذهب جو لاڪيٽ پائي وڊيو ٽڪ ٽاڪ تي شيئر ڪئي هئي، جنهن تي عيسائي برادري پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جنت مرزا خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو، اهڙو معاملو ميڊيا ۾ اچڻ کانپوءِ سينيئر اداڪاره بشري انصاري جنت مرزا مٿان تنقيد جا تير وسائيندي چيو ته اهڙين جاهل فنڪارن تي افسوس آهي، کين نه اسلام جي ڄاڻ آهي ۽ نه ئي وري ٻئي ڪنهن مذهب جي، جنهن جي جواب ۾ جنت مرزا بشري انصاري کي جواب وار ڪندي چيو ته آئون اسلام بابت ڄاڻ رکان ٿي، توهان به ڪا تبليغي جماعت نه پيا هلايو، امان جي! توهان وقت ڪڍي حقيقت جي ڄاڻ حاصل ڪري پوءِ ئي تنقيد ڪريو.
