ليکڪ: عامر انصاري
سنڌ اھا عظيم ڌرتي آھي، جنھن مٿان ڪيترن ئي ڏُکن جا سج اُڀريا آهن، پر تنھن باوجود به ھوءَ پنھنجي ڪک مان ڪيترن ئي پٽن ۽ ڌيئرن کي جنم ڏيندي پئي اچي. اڄوڪي منھنجي ھن مضمون جو موضوع اُن شاعر دوست ۽ غريب گھراڻي سان تعلق رکندڙ شخص مُبين اُڄڻ جو آھي، جنھن جي گھر جي خوشين کي ظُلم جا ڪارا بادل کسي ويا. اڄ آئون اُن معصوم بيگناھه سنڌ جي مظلوم نياڻي روبينا اڄڻ جو ذڪر ڪري رھيو آھيان، جيڪا ھن وقت مائٽن جي وچ ۾ ناھي رھي، روبينا ماءُ سان گڏ فتح پور لڳ تعلقي ڪوٽڏيجي جي درگاهه پير ڪٽڪپال تي عقيدت جي حساب سان رات جي وقت ترسيل ھئي ته اُتان اڻڄاتل ھٿياربندن اغوا ڪري مٿس بيدرديءَ سان وحشياڻو تشدد ڪري سندس لاش ڪنڊيارو ريگيوليٽر شاخ ۾ اڇلايو، جتان جي مقامي ماڻهن ۽ پوليس تڙ تڪڙ ۾ لاش کي لاوارث قرار ڏئي ڪنڊيارو قبرستان ۾ دفن ڪري ڇڏيو، جڏهن ته قانون موجب اُن لاش کي سرد خاني ۾ رکي گھرڀاتين کي اطلاع ڪيو وڃي ھا، جڏھن ته روبينا جي اغوا جي ايف آءِ آر به ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي داخل ھئي، اُن باوجود لاش کي نامعلوم ڄاڻائي تڪڙ ۾ دفنائي ڇڏڻ سمجھه کان ٻاھر آھي، مقامي پوليس ان سڄي معاملي ۾ ڪک ٻيڻو ناھي ڪيو، وڏو الميو اُهو آھي ته روبينا جي لاش ھٿ اچڻ واري وڊيو ڏسي مائٽن طرفان سڃاڻپ ٿيڻ باوجود پوليس وارثن کي لاش نه ڏيڻ جي پويان آخر ڪھڙا ڪارڻ آهن، جو ھن وقت تائين ذري گهٽ ٻه ھفتا ٿي چڪا آهي پر افسوس نه قاتل گرفتار ٿيا آھن نه وري لاش مالڪن حوالي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته قومپرست ڌريون به سنڌ جي هڪ غريب شاعر کي سندس ڀيڻ جو لاش ڏياري سگهڻ ۾ ناڪام ٿي ويون آهن، آئون سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، ھاءِ ڪورٽ سنڌ، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ايس ايس پي خيرپور کي ته ھن مضمون ذريعي اپيل ڪندس ته روبينا جي ڪيس جي اڻڌري جاچ ڪرائي وڃي ۽ ڪيس ۾ لڪل سگھارن ھٿن کي وائکو ڪيو وڃي ته جئين وري ڪنھن ٻي روبينا سان اھڙي ناجائزي نه ٿي سگھي، آئون وڏي وزير مراد علي شاهه کي اھا اپيل ڪندس ته درگاهه ڪٽڪپال تي ڪئمرا لڳايون وڃن ته جيئن اُتان جي عقيدتمندن مان خوف ختم ٿئي.