ليکڪ: شبينا فراز
پاڪستان پنهنجي ماحولياتي خدمتن عيوض دنيا کان قرضن جي خاتمي جو طلبگار آهي، پر ڇا اهو ممڪن آهي ۽ قرض ڏيندڙ ڀلا ائين ڪرڻ ڇو چاهيندو؟ دنيا هن وقت بدلجندڙ موسم، قدرتي آفتن ۽ ڪورونا وائرس جي تباهه ڪارين مان گذري رهي آهي، اهي اهي مسئلا آهن جيڪي بنا ڪنهن رنگ، نسل، ملڪ ۽ قوم ڌرتي جي گولي کي پنهنجي گهيري هيٺ آڻي ويٺا آهن، اها به سوچ آهي ته ماحولياتي مسئلا زمين جي ڇاتي تي ڇڪيل سياسي لڪيرون ۽ سرحدن سان ڀرپور هونديون آهن. گدلي هوا کي ان جي ڪا به پرواهه ناهي هوندي ته هو ڪنهن پاڪستاني جي ساهه کي روڪي رهي آهي يا ڪنهن ڀارتي جو، خراب پيٽرول مان نڪرندڙ زهريلو دونهون، وڌندڙ گرمي سبب رجندڙ گليشيئر، ٻوڏ، سوڪهڙو، گدلو درياهه ۽ ٻيلن جي ڪٽائي امير ملڪن لاءِ به ايترو ئي وڏو خطرو آهي جيترو ڪنهن غريب ملڪ لاءِ آهي.سٺي ڳالهه اها آهي ته هو نه صرف ان خطرن جو ادراڪ رکندا آهن پر اهو به سمجهندا آهن ته غربت انهن مسئلن جو هڪ وڏو سبب آهي، ان ڪري امير ملڪ ان حوالي سان غريب ملڪن کي امداد ڏئي بظاهر انهن جي زندگي ته آسان بڻائيندا آهن پر پردي پويان دراصل هو پاڻ کي به محفوظ ڪري رهيا هوندا آهن، قدرت اهڙا موقعا فراهم ڪندي رهندي آهي جنهن مان فائدو وٺي توهان گهڻو ڪجهه مختلف ڪري سگهو ٿا، ان لاءِ ٿوري بس بصيرت جي ضرورت هوندي آهي، بروقت ڪيل اهي فيصلا توهان کي عام مان خاص بڻائڻ ۾ دير ناهن ڪندا، پاڪستان به اهڙن وقتن ۾ ڪجهه اهڙا ئي منفرد ۽ دليراڻا قدم کنيا جنهن سبب نه صرف پاڪستان کي عالمي سطح تي پذيرائي مليل آهي پر هن سال ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي ميزباني جو شرف به حاصل ٿيو ۽ اڄ هڪ قدم اڃا اڳتي وڌائي هو دنيا مان پنهنجي ماحولياتي خدمتن عيوض قرضن جي خاتمي جو مطالبو ڪري رهيو آهي ته جيئن ماحوليات جي تحفظ جو اهو سفر جاري رهي. پاڪستان قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، مارچ 2021ع تائين پاڪستان جو ڪل پرڏيهي قرض تقريبن 106.6 ارب ڊالرز تائين پهچي چڪو آهي، جنهن مان پاڪستان حڪومت جو پرڏيهي قرض جيڪو موجوده حڪومت کي ادا ڪرڻو آهي اهو 73.29 ارب ڊالرز آهي، جڏهن ته بقايا قرض مختلف ڪارپوريشنز ۽ ادارن کي ادا ڪرڻو آهي، قرضن جي وڏي بار هيٺ دٻيل معيشت لاءِ قرضن جي معافي جي خبر تازي هوا جي جهوٽي کان گهٽ نه آهي، ان جو جواب موسمياتي تبديلي بابت وزيراعظم جي خاص معاون ملڪ امين اسلم تفصيل ڏنا آهن، هن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ماحولياتي خدمتن عيوض قرضن جي معافي جو منصوبو جوڙيو آهي، ان کي عالمي سطح تي پذيرائي حاصل آهي ۽ ان معاملي تي اسان جي ڪيترن ئي ملڪن سان ڳالهه ٻولهه پڻ هلي رهي آهي ۽ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪستان عملي طور تي ماحول جي بهتري جي حوالي سان پنهنجي استقامت ظاهر ڪئي آهي ۽ ڪورونا وائرس جي دور ۾ جڏهن وڏيون وڏيون مضبوط معيشتون تباهه ٿيون، پاڪستان نه صرف پنهنجي معيشت کي سنڀاليو پر ان سان گڏ ڪورونا وبا ۾ هزارن جي تعداد ۾ بيروزگار ٿيندڙ ڏهاڙيدار مزدورن جي لاءِ نئين روزگار جو به بندوبست ڪيو، خاص طور تي انهن لاءِ جيڪي ڳوٺن مان روزگار ڪرڻ شهرن ڏانهن آيل هئا. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ان مشڪل وقت ۾ ڏاهي ليڊر جو ڪردار بخوبي نڀايو، اسان کي پڪو يقين آهي ته ان نئين اسڪيم کي به عالمي ملڪ هٿ ۾ کڻندا ۽ ايندڙ وقت ۾ معيشت ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، ڇا اهڙو ڪو مثال موجود آهي ته پاڪستان اڳ به پنهنجا قرض معاف ڪرايا هجن، ان حوالي سان ماحوليات جي ماهر پرويز نعيم ٻڌائي ٿو ته سماجي خدمتن عيوض قرضن جي معافي ڪا نئين ڳالهه نه آهي، تعليم، صحت، افغان مهاجرن جي ميزباني، 2005ع ۾ زلزلي جي تباهي ۽ 2010ع ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد جي مد ۾ پاڪستان جا قرض معاف ڪيا ويا، ڊاڪٽر پرويز نعيم جو چوڻ آهي ته ماحولياتي خدمتن عيوض قرضن جي ادائگي کي ان حوالي سان نئين اڳڀرائي چئي سگهجي ٿو ته ان کان اڳ ماحول جي شعبي ۾ پاڪستان جي حد تائين اهڙو ڪو به مثال موجود نه آهي، سسٽين ايبل ڊولپمينٽ پاليسي انسٽيٽيوٽ جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ۽ وزيراعظم جي اڪنامڪ ايڊوائزري ڪونسل جي ميمبر ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا مثال موجود آهن جتي ماحوليات جي بهتري لاءِ قرض معاف ڪرايا ويا، مثال طور بنگلاديش ۾ ٽراپيڪل ٻيلن جي تحفظ جي لاءِ قرض معاف ڪيو ويو، گهانا ۾ ماحول دوست سياحت جي مد ۾ ۽ ڪوسٽا ريڪا ۾ نيشنل پارڪس جي تحفظ جي مد ۾ قرض معاف ڪرايا ويا،پاڪستان اهڙا گهڻا ئي قدم کڻي رهيو جن کي عالمي برادري ۾ پذيرائي ملي رهي آهي، پاڪستان ڪورونا وائرس جي ڏکئي دور ۾ پروٽيڪٽيڊ ايريا انيشيٽو ذريعي وڌيڪ نيشنل پارڪ ۽ محففظ علائقن ۾ اضافو ڪيو ۽ ان شعبي ۾ 85 هزار جي ويجهو نوڪريون پيدا ڪيون، اربين وڻن جي شجرڪاري جو منصوبو ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. پيٽرول بدران اليڪٽرڪ گاڏيون، صاف ۽ قابل تجديد توانائي ۾ سيڙپڪاري ۽ ان جهڙا ٻيا به قدم عالمي ڌيان حاصل ڪري چڪا آهن، ان ڪري حڪومت سان گڏ ماهر به پراميد آهن ته ان حوالي سان عالمي برادري کي فيصلو ڪرڻ ۾ ڏکيائي نه ٿيندي. ماحوليات جي حوالي سان جن قرضن جي معافي جي ڳالهه ٿي رهي آهي اهو دراصل پيرس ڪلب کان ورتل قرض آهن، جن جي ماليت 11.54 ارب ڊالرز ٿئي ٿي، پيرس ڪلب 22 ترقي يافتا ميمبر ملڪن تي ٻڌل هڪ گروپ آهي، جن ۾ آمريڪا، آسٽريليا، آسٽريا، بيلجيم، برازيل، ڪئنيڊا، ڊينمارڪ، فن لينڊ، فرانس، جرمني، آئرلينڊ، اسرائيل، اٽلي، جاپان، نيدر لينڊ، ناروي، روس، ڏکڻ ڪوريا، اسپين، سوئيڊن، سوئيٽرزلينڊ ۽ برطانيا شامل آهن، اهي ملڪ گڏجي غريب ۽ ضرورتمند ملڪن کي قرض ڏيندا آهن، پيرس ڪلب کان ورتل قرضن جي حوالي سان ڪيل معاهدن ۾ اها لچڪ موجود آهي ته قرض جي نوعيت تبديل ڪري سگهجي ٿي، معاف به ڪري سگهجي ٿو، ان قرض کي امداد ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو ۽ ان رقم کي ڪنهن ترقياتي منصوبي ۾ به استعمال ڪري سگهجي ٿو، ان کانسواءِ قرض جي رقم کي مقامي ڪرنسي ۾ تبديل ڪرڻ جي سهولت به موجود آهي، مثال طور پاڪستان اهو چئي سگهي ٿو ته ملڪي ڪرنسي جو قدر ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آهي، ان لاءِ قرضن جي رقم (يورو يا ڊالرز) کي مقامي ڪرنسي ۾ تبديل ڪيو وڃي، ماحول جي بهتري جي قدمن عيوض انهن قرضن جي معافي جو اصل سبب اهو ئي آهي جيڪو اسان شروع ۾ ئي بيان ڪيو آهي ته غريب ملڪن جي وسيلن تي تمام گهڻو دٻاءُ هوندو آهي، ٻيلا وڏي تعداد ۾ ڪاٽيا ويندا آهن، پاڻي جو غير محتاط استعمال، جهنگلي جيوت جو بيدردي سان شڪار ۽ فوسل فيول جو گهڻو استعمال نه صرف انهن ملڪن پر ڌرتي جي گولي جي ماحول کي به نقصان پهچائڻ جو سبب بڻجن ٿا. هڪ منصوبو ”ريڊ پلس“ آهي جنهن ۾ وڻ لڳائڻ ۽ انهن جي حفاظت عيوض عالمي ادارن ۽ ترقي يافتا ملڪن طرفان معاوضو ادا ڪيو ويندو آهي، هن وقت پاڪستان ۾ ڪميونٽي سطح تي به ان تي ڪم ٿي رهيو آهي.