ليکڪ: انيس باقي بلوچ
پهرين مارچ 2002ع تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن، ”ڪنڊيشنس آف سروس رولز 2002ع“ وضع ڪيون، جنهن تحت ڪميشن جي ميمبرن لاءِ برابريءَ وارا قائدا ۽ ضابطا متعارف ڪيا ويا ۽ انهن ۾ چيئرمئن ۽ ميمبرن لاءِ الائونس ۽ ٻيون مراعتون به وضع ٿيل آهن ان کان سواءِ ڪميشن کي ڪجهه محدود مالي اختيار به ڏنا ويا ( گوگل سنڌي انسائيڪلوپيڊيا)، ڪنھن به اداري تي ڳالھائڻ کان پھريان ان کي ماضيءَ کان ڏسڻ گھرجي، سنڌ ڪميشن به اھڙو ادارو آھي، جنھن جون غلطيون ڏسجن ته اھي ماضي کان ئي شروع ٿين ٿيون، ڪو به ادارو ھجي، آرگنائيزيشن ھجي، شعبو ھجي، سياسي پارٽي ھجي جڏھن ان جي اندر ( Space Create) ڪبو آھي ته ڪو ٻيو اچي ان کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي، اھڙو ئي حشر سنڌ ڪميشن به پنھنجي اداري سان ڪيو آھي، سنڌ ڪميشن 2003 ع کان تڪراري ٿيڻ شروع ٿيو، جنھن جو تڪراري ھجڻ وقتن به وقتن جاري رھيو آھي، جنھن ۾ 2003 ع وارو چٽاڀيٽي وارو امتحان، جنھن ۾ پنھنجا نوازي، سفارش ۽ ڪرپشن جا الزام لڳا، جنھن جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ به ھليو، 2013 ع وارو چٽا ڀيٽي جو امتحان جنھن ۾ ڪرپشن، سفارش ۽ پنھنجا نوازي ثابت ٿي اھو امتحان ڪورٽ ڪالعدم قرار ڏنو ۽ اھو ساڳيو امتحان ٻيهر 2017 ع ۾ ورتو ويو، ساڳي طرح 2018 ۽ 2019 ع جا امتحان به تڪراري رھيا، اھي ته صرف چٽاڀيٽي جا امتحان آھن ان کانسواءِ ڪيترائي امتحان جيڪي ڪميشن جي دائري ۾ اچن پيا اھي به تڪراري رھيا آھن، جنھن جو تازو مثال ڊاڪٽرن جي ڀرتي وارو معاملو آھي، مطلب ان مان صاف ظاھر آھي ته اداري جي اندر شفافيت نه ھجڻ جي خامي موجود آهي ھن وقت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بلڪل به تڪراري بڻجي چڪو آھي،2019 ع جو آيل نتيجو به تڪرارن جي ور چڙھي ويو آهي، جنھن جي خلاف سوشل ميڊيا تي مھم به ھلي چڪي آھي، ان امتحان جي اندر به شفافيت وارا سوال اڀري رھيا آھن، ھن وقت سنڌ ان معاملي تي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي چڪي آھي، ھڪڙو چئي پيو ته ميرٽ ٿي آھي، ٻيو چئي پيو ته سفارش، ڪرپشن ، پنھنجا نوازي ۽ ميرٽ جي لتاڙ ٿي ،نتيجي ۾ نقصان صرف ۽ صرف اسان کي ٿئي ٿو جتي 200 ھاري، مزدور، سيلون وارن جا ٻار سليڪٽ ٿين ھا اتي صرف 20 ٿين ٿا، مطلب بقايا ميرٽ جي نالي تي ڀينگ ڪئي وڃي ٿي، وري اچون ٿا ٻئي پاسي تي جيڪڏھن نتيجا ڪالعدم ٿين ٿا ( جيڪي ماضي ۾ ٿي به چڪا آھن) ان جو نقصان به وري به اسان کي جيڪي 20 شاگرد ميرٽ تي سليڪٽ ٿين ٿا انھن جو مستقبل داءَ تي لڳي وڃي ٿو، اسان کي سنڌ ڪميشن جي اندر ريفارمز کپن. ڳالهه اها آهي ته ڪير ان ڳالهھ جي گارنٽي ڏيندو ته نئون چيئرمين، سيڪريٽري۽ ڪنٽرولر ايندا ته اميدوارن سان ناانصافي بند ٿيندي؟ ميرٽ جو قتلام بند ٿيندو، ڪميشن جي اندر شفافيت ايندي، ڇا ڪو ڏيندو گارنٽي ان سڀني سوالن جي؟ ھن وقت ڪميشن اندر اھڙو ته بدترين نظام آھي ڪميشن جو ڪو به امتحان صحيح نموني سان نه نبري رھيو آھي، تازو ليڪچرر جي ٿيل امتحانن ۾صرف سنڌي جي پيپر ۾17 کان 23 سوال غلط ھئا، اھڙو ئي حشر ٻين شعبن سان به ھو، 50 سوالن مان توھان 23 سوال غلط ڏيو ته اميدوار لاءِ ڇا بچيو؟ جيڪڏھن توھان ۽ اسان نتيجا بدلائڻ چاھيو ٿا ته سوچ بدلايو، سوچ تبديل ٿيندي ته نظريو بدلجندو، نظريو تبديل ٿيندو ته رويو تبديل ٿيندو، ڪميشن ۾انٽريو ڪرڻ کانپوءِ آخري نتيجن تي ھر پاس ۽ فيل ٿيندڙ اميدوار جو پورو نتيجو ڏيڻ سان گڏ اميدوار جو پورو نالو، والد جو نالو، ذات، ايڊريس ۽ اميدوار جو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر به ڏيڻ گھرجي پر افسوس ته ھتي آخري نتيجن ۾ اندر صرف رول نمبر ۽ نالو توھان کي نظر ايندو، خير ماضي ۾ جيڪو ٿيو ان کي Skip ڪيو ، مستقبل جي لاءِ ڪميشن ۾ سڌارن جي ڳالهھ ڪريو، اھڙو ڪردار ادا ڪيو ته جيئن ايندڙ وقت ۾ ڪميشن جي نتيجي تي ڪو به آڱر کڻڻ وارو نه ھجي. ڪميشن جي اندر ڀرتي جي عمل کي ڏسجي ته سڀني کان تڪراري عمل انٽريو جو رھيو آھي، اميدوارن جون سڀ کان وڌيڪ شڪايتون انٽريو تي آھن، ڇو ته ڪافي اميدوارن جون لکت ۾ تمام وڌيڪ مارڪون آيون ۽ انٽريو ۾ نه ھجڻ جي برابر ان ئي سبب جي ڪري ھو رھجي ويا، ھجڻ ته ائين گھرجي نتيجا ڏيڻ وقت انٽريو رڪارڊ به ظاھر ڪيو وڃي، پر ھتي اھڙو ڪجهھ به ناھي، انٽريو پورو ريڪارڊ ڪرڻ ضروري آھي ڇو ته اميدوارن کي خبر پئي ته ڪنھن ڪيترا صحيح جواب ڏنا، ڪيترا سوال ڪيا ويا، ڪميشن ۾ چيئرمين کان وٺي ميمبرز تائين تقريبن موجوده بيورو ڪريٽ يا ريٽارئرڊ بيورو ڪريٽ قابض آھن، انھي عمل کي به تبديل ڪرڻ کي ضرورت آھي، بيورو ڪريٽ سان گڏ ڪميشن ۾ جوڊيشري يا سول سوسائٽي جي شموليت به ڪنھن حد تائين ضروري آھي، اسان وٽ جوڊيشري ھجي يا سول سوسائٽي ھجي بھترين ذھن ۽ محنتي ماڻهون موجود آھن، پوءِ انھن کان ڪم ڇو نه ورتو پيو وڃي. (پورو ٿيو)