194

سخت پابندين کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ نئين سفر جي شروعات…!!

ايڊيٽوريل

ملڪ اندر ڪورونا ڪيسن ۾ لاٿ سبب وفاقي حڪومت توڙي صوبن طرفان ڪورونا سبب لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون ۽ ٻين پابندين ۾ اڄ کان مرحليوار نرمي جو اعلان ڪيو ويو آهي، سرڪاري انگن اکرن موجب ته حڪومتي فيصلن ۽ پابندين سبب ڪورونا ڪيسن ۾ 13 سيڪڙو کان 3 سيڪڙو تائين لاٿ ٿي آهي، جنهن ڪري اين سي او سي سميت صوبن طرفان نرميءَ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪجهه قدم پڻ کنيا ويا آهن، جن ۾ سڀ کان سر فهرست قدم تعليمي ادارا ۽ ڪاروبار کولڻ سان تعلق رکن ٿا. سنڌ ۾ اٺين ڪلاس کان مٿي جا سمورا تعليمي ادارا  اڄ 7 جون کان کولڻ جو اعلان  ڪيو  ويو آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت ڪراچيءَ جي واپارين کي رات 8 وڳي تائين ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت پڻ ڏئي ڇڏي آهي،  اهڙا فيصلا ڪورونا بابت سنڌ جي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ڪيا ويا آهن. اجلاس جي فيصلن موجب سنڌ ۾ اڄ کان نائين، ڏهين، جا ڪلاس، سمورا ڪاليج ۽ يونيورسٽيون پڻ کوليون وينديون. اڄ کان کلندڙ سمورن تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي حاضري 50 سيڪڙو رکڻ، تعليمي ادارن جي استادن، انتظامي عملي لاءِ ڪورونا ويڪسين ڪرائڻ ۽ ايس او پيز تي عمل لازمي قرار ڏنو  ويو آهي. ان کان علاون سنڌ حڪومت ڪراچيءَ جي واپارين کي رات 8 وڳي تائين ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، دڪاندارن ۽ ملازمن لاءِ ويڪسين ڪرائڻ پڻ لازمي قرار ڏني آهي، 15 ڏينهن کان پوءِ دڪاندارن جا ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ چيڪ ڪيا ويندا. سنڌ اندر شادي هال پڻ ٻن هفتن بعد کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت پاران به پوري ملڪ ۾ سمورا تعليمي ادارا اڄ کان کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان سان گڏ وفاقي تعليمي ادارن جي  پهرئين کان چوٿين ۽ ڇهين کان ستين جماعت تائين جي شاگردن کي بنا امتحان پروموٽ ڪرڻ جو فيصلو  ڪيو ويو آهي. وفاقي تعليمي ادارن جي شاگردن کي گذريل سال جي نتيجن جي بنيادن تي پروموٽ ڪيو ويندو، پنجين ۽ اٺين جي امتحانن جو شيڊول وفاقي تعليم واري وزارت جاري ڪندي. وفاقي حڪومت 10 جولاءِ کان پوءِ ڏهين کان ٻارهين ڪلاس جا صرف اختياري مضمون ۽ رياضي جا امتحان وٺڻ جو  به اڳ ئي فيصلو ڪري چڪي آهي، پريڪٽيڪل ۽ ٻين مضمونن جا امتحان نه ٿيندا. سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته پهرئين کان اٺين ڪلاس تائين جي شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ ڪرڻ جي اعلان سان سنڌ حڪومت جو ڪو به واسطو نه آهي. عوام کي ڪورونا کان بچائڻ لاءِ ڪجهه سخت فيصلا ڪرڻا پيا آهن پر افسوس آهي ته ڪجهه سياسي پارٽين انهن فيصلن تي پنهنجي سياست چمڪائڻ گهرن ٿيون. توڙي جو وفاقي ۽ سنڌ حڪومت هڪ پيج تي ناهن ۽ ٻنهي طرفان الڳ الڳ فيصلا ڪيا ويا آهن پر اها هڪ سٺي ڳالهه آهي ته اڄ کان اڀرندڙ سج هڪ نئين اميد سان ضرور اڀري سامهون آيو آهي، اسڪول کلي رهيا آهن ۽ ڪاروبار جو وقت به وڌي رهيو آهي، ان سان هڪ قدم معاشرا اڳتي وڌندا پر اها به پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي ته ڪورونا جيئن جو تيئن موجود آهي ۽ ڪورونا جنهن کي وڪوڙي ٿي تنهن کي نپوڙي ڇڏي ٿي، تنهن ڪري عوام کي به گهرجي ته احتياط کان هر دم ڪم وٺي ۽ ان کان ڪنهن به طرح سان غافل نه ٿئي، لازمي آهي زندگي کي به هلائڻو آهي پر ان جو تحفظ به لازمي ڪرڻو پوندو، هن وقت ڪورونا کان بچاءَ لاءِ ڪورونا ويڪسين اچي وئي آهي پر ان جي باوجود ڪو يقيني علاج ڪونهي، تنهن ڪري هڪٻئي کي هن موذي وبا کان بچائڻ لاءِ احتياط کان وٺڻ گهرجي ته جيئن وڌ کان وڌ انسانن کي هن وبا کان محفوظ رکي سگهجي، اميد ڪريون ٿا ته اڄ کان اڀرندڙ سج بهتري جو نياپو کڻي ايندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو