ڪراچي(ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه جو چوڻ آھي ته ارسا سنڌ جي احتجاج بعد پاڻي جي کوٽ واري صورتحال۾ پاڻي جي ورڇ صوبن ۾ برابري جي بنياد تي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، پر ان تي عملدرآمد ٿيڻ باقي آهي، پاڻِي جي کوٽ دوران پنجاب ۾ ٻه فلڊز ڪينالز کولڻ جو عمل غيراخلاقي، غيرقانوني ۽ غيرآئيني آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير اطلاعات چيو ته سنڌ ۾ هن وقت 33 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي، ۽ ان صورتحال ۾ فلڊ ڪينالزکي کولي نٿو سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آئي جي حڪومت هڪ صوبي کي 15 سيڪڙو گهٽ پاڻي ڏنو جڏهن ته سنڌ کي 35 سيڪڙو گھٽ پاڻي ڏنو ويو. اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته سنڌ ۾ پاڻي جي ورڇ منصفاڻي طريقي ۾ نه پئي ڪئي وڃي، جڏهن ته اصل صورتحال اها آهي ته سکر بيراج هجي يا صوبي جون ٻيون بيراج، هر جڳهه تي آبادگار پاڻي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، جنهن جو سبب پاڻي جي کوٽ آهي. پاڻِي کوٽ سان فقط سنڌ جو نقصان ناهي، پر اھو پوري پاڪستان جو نقصان آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڪراچي جي آبادي ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي، ملڪ جي ٻِين صوبن کان علاوه مختلف ملڪن کان پڻ ماڻهو هتي اچي آباد ٿي ويندا آهن، جنهن جي ڪري مسئلن ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي. سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ٻِين مسئلن سان گڏو گڏ پاڻي جي کوٽ جي مسئلي جي حل لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ پاڻي جون ڪيتريون ئي رٿائون مڪمل ٿيڻ جي ويجھو آهن. اهو تاثر پڻ غلط آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي جي ورڇ درست نه پئي ٿئي . هن وقت ڪراچي ۾ فقط 6 هائيڊرنٽس فعال آهن، جيڪي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي کليل آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ سوين هائيڊرنٽس ڊاهيا ويا ، جيڪي پيپلز پارٽي حڪومت جي اچڻ کان اڳ قائم ڪيا ويا هئا. 1991 جي معاهدي ۾ طئي ٿيل پاڻي ڪراچي کي فراهم نه پيو ڪيو وڃي. ڪراچي سنڌ جي دل آهي، سنڌ حڪومت قائد جي شهر ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيڻ نه ڏيندي. پي ٽي آئي حڪومت ڪي-4 اسڪيم تي ڪم ڏيڍ سال تائين فقط ان سبب جي ڪري تاخير جو شڪار بڻايو ويو ته ان منصوبي ۾ ڪرپشن ٿي آهي، پر انڪوائري رپورٽس ۾ اهڙُو ڪجهه سامهون نه آيو. بحريه ٽائون جي خلاف قومپرست جماعتن جي احتجاج بابت سوال جي جواب ۾ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پرامن احتجاج سڀني جو حق آهي، پر بس ايترو چاهيون ٿا ته احتجاج جي دوران هاءِ وي بند نه ڪيو وڃي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران نوٽيس وٺڻ بعد سمورن آفيسرن کي هٽايو ويو، جن خلاف بحريه ٽائون جي ڳوٺن جي رھواسين شڪايتون ڪيون هيون. هن وقت پڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اتان جي چونڊيل ميمبر اسيمبلي ڄاڻايل ڳوٺن جي عوام سان گڏ بيٺل آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڏک جھڙي ڳالھ آهي ته ٻين صوبن کي وفاقي حڪومت پنهنجي بجيٽ۾ 90 سيڪڙو ترقياتي منصوبا ڏئي رهي آهي، پر سنڌ کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. سڄو پاڪستان اسان جو آهي، ملڪ جي هر حصي ۾ ترقياتي ڪم ٿيڻ گهرجن، پر هڪ صوبي کي نظر انداز ڪرڻ تي ڏک ٿيندو آهي. سيد ناصر حسين شاهه زور ڀريو ته ڪورونا وائرس جي بچاءُ جي ويڪسينيشن جي عمل ۾ رڪاوٽ نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اهي ماڻهو جيڪي ڪراچي ۾ کليل نموني قتل عام ۾ ملوث هئا، اهي اڄ پاڪستان پيپلز پارٽي جي خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن. صوبي ٺاهڻ جو راڳ هن سوچ جي عڪاسي آهي. اهي ماڻهو جن پنهنجي قائد کي ڇڏيو، هاڻِي انھن کي قائد جي سوچ کي پڻ ڇڏي ڏيڻ گهرجي.
191