ڪراچي(ويب ڊيسڪ) منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سنڌ جي عوام لاءِ پئسا خرچ ڪنداسين، صوبائي حڪومت جي لاءِ ڏوڪڙ ناهن، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ جو وزيراعظم آهي،سنڌ جو وڏو وزير رڳو پوائنٽ اسڪورنگ ڪرڻ چاهي ٿو، سنڌ سان ڪو به ناروا سلوڪ نٿو ڪيو وڃي،ترقياتي منصوبن جي لاءِ وفاق رڪارڊ فنڊز فراهم ڪيا آهن، هن چيو ته صوبائي حڪومت ۽ عوام ۾فرق آهي،اسان رڳو سنڌ جي عوام جي لاءِ پئسا خرچ ڪنداسين،صوبائي حڪومت کي نه ڏبا، اڳوڻي حڪومت ملتان،سکر موٽر وي تي ڪم ڪيو،مڪمل اسان ڪيو،سنڌ حڪومت موٽر ويز لاءِ هڪ رپيو به خرچ نه ڪيو.
187