214

ماڻهو ايم اين اي يا وزير ٿيڻ چاهين ٿا،مون کي لالچ ناهي:شاهه محمود

ملتان(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ماڻهو ايم اين اي يا وزير ٿيڻ چاهين ٿا،مون کي لالچ ناهي، ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته 36 سال لڳاتار سياست ڪئي آهي،پنهنجو دامن هميشه صاف رکيو، هن چيو ته سياست رڳو وڏي مقصد لاءِ ڪيان ٿو، منهنجو ذاتي ڪو به مفاد ناهي، عمران خان سان گڏ 3 ڀيرا خانه ڪعبه ۽ نبي ڪريم صه جي هجري ۾ويو آهيان، مون ۾ ڪا به خوبي ناهي، اهي سڀ مالڪ جو ڪرم آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو