ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل بحريه ٽائون واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، عمران اسماعيل چيو آهي ته آءِ جي سنڌ احتجاج جي ڄاڻ هجڻ باوجود جوڳا قدم نه کنيا، رينجرز جي وقتائتي ڪارروائي سبب شهر وڏي سانحي کان بچي ويو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بحريه ٽائون انتظاميا پنهنجا معاملا جلد حل ڪري. هن چيو ته واقعي تي افسوس ٿيو آهي. اهڙي صورتحال نه ٿيڻ گهرجي ها.
210