165

ملڪي قيادت ۽ وزير ڪرپٽ هجن ته ملڪ جو ڏيوالو ئي نڪري ويندو آهي:وزيراعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي قيادت ۽ وزير ڪرپٽ هجن ته ملڪ جو ڏيوالو ئي نڪري ويندو آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ننڍا سرڪاري ملازم رشوت وٺي شهرين لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪندا آهن، عام شهري رشوت جي رقم پنهنجي مٿان ٽيڪس سمجهي ٿو، هيٺين سطح جا عملدار رشوت وٺن ٿا ته ان سان عام شهرين لاءِ مسئلا پيدا ٿين ٿا،ان کي روڪڻو پوندو، جڏهن ملڪ جا سربراهه ۽ ان جا وزير ڪرپشن ۾ ملوث هجن ته اهي ملڪ قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي ويندا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو