211

مڙهيل وفاقي حڪومت حق نه پئي ڏي، صوبن کي پاڻ ۾ويڙهائڻ چاهي ٿي:شهباز شريف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي صدر شهباز شريف چيو آهي ته مڙهيل حڪومت حق نه پئي ڏئي،وفاق ۽ صوبن کي پاڻ ۾ويڙهائڻ چاهي ٿي، حڪومت قومي خزاني ۽ روينيو سان اهو ڪري پئي جيڪو اٽي ۽ کنڊ سان ڪيو ويو هو، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته 140 ارب جي ايف بي آر کي رهتن بابت اعتراض سامهون آيا،روينيو انگ اکرن جو ڀانڊو ڦاٽو آهي، انگن اکرن جي غلطي سامهون اچڻ کانپوءِ صوبن کي ٽيڪس وصولين ۾حصو به غلط ئي ملندو، ڇا مڙهيل حڪومت وفاق ۽ صوبن کي ويڙهائڻ چاهي ٿي،عوام کي پنهنجا حق آخر ڇو نٿا ڏنا وڃن؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو