حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ڪورونا وبا سبب گذريل ٻن مهينن کان بند پيل تعليمي ادارن ۾ مرحليوار تعليمي سرگرميون شروع ٿي ويون آهن. رپورٽ موجب سڄي سنڌ جيان حيدرآباد ۾ به سنڌ حڪومت جي اعلان بعد نائين ڪلاس کان يونيورسٽي سطح تائين جي تعليمي ادارن ۾ ڪالهه سومر کان تعليمي سرگرميون بحال ٿيڻ بعد تدريسي عمل شروع ٿي ويو. حيدرآباد جي سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ پهرئين ڏهاڙي شاگردن ۽ استادن طرفان ڀرپور حاضري ۽ خوشي جو مظاهرو ڪيو ويو ۽ شاگردن سميت استاد ۽ ٻيو عملو حڪومت طرفان جاري ڪيل ايس او پيز تي مڪمل طور تي عمل ڪندي نظر آيو. اسڪول پهچڻ تي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو گرمي پد چڪاس ڪيو پيو وڃي ۽ انهن کي ماسڪ ۽ سينيٽائيزر لازمي استعمال ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون پيون وڃن. جڏهن ته ڪلاسن ۾ شاگردن کي اهي به هدايتون ڏنيون پيون وڃن ته اهي سماجي مفاصلي جو خاص خيال رکن ۽ پڙهائي جي استعمال ۾ ايندڙ سامان جهڙوڪ ڪتاب، بيگ ۽ پينن سميت ٻئي سامان جي استعمال بعد هٿن تي سينيٽائيزر جي استعمال کي يقيني بڻائين ان سان گڏو گڏ استادن طرفان شاگردن جي والدين کي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي ته شاگرد ۽ شاگردياڻيون جيئن گهر پهچن ته اتي به انهن جي ايس او پيز جو خاص خيال رکيو وڃي ۽ شاگردن کي اسڪول موڪلڻ وقت سينيٽائيزر ۽ ماسڪ جي هجڻ کي پڻ يقيني بڻايو وڃي.
