245

وزيراعظم جي هدايت تي واقعي واري هنڌ پهچي پاڻ ريسڪيو آپريشن جي نگراني ڪندس: ريلوي وارو وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي وارو وفاقي وزير اعظم خان سواتي  چيو آهي ته گهوٽڪي ۾ ٽرين حادثي ۽ ان ۾  قيمتي انساني جانين جي زيان تي دل انتهائي ڏکويل آهي، پنهنجي هڪ بيان ۾  ريلوي جي وزير چيو ته الله تعالي مرحومن جي درجا بلند فرمائي ۽ پوئينرن کي صبر جميل عطا ڪري ۽ زخمين جي جلدي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي، هن چيو ته  وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي واقعي واري هنڌ پهچي پاڻ ريسڪيو آپريشن جي نگراني ڪندس، آرمي انجينئرن جي خاص ٽيم ريليف آپريشن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ريلوي ۽ آرمي جي جوانن جي مدد سان حادثي بعد ريليف ۽ ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، حادثي جي فوري جاچ ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو