211

اليڪٽرانڪ ۽ آءِ ووٽنگ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان معاونت جاري رهندي: شبلي فراز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ۽ سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ۽ آءِ ووٽنگ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان معاونت جاري رهندي، وزيراعظم عمران خان جو خواب آهي ته ملڪ ۾ چونڊون شفاف طريقي سان ٿين. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن ٻاهران وفاقي وزير فواد چوڌري، وزيراعظم جي پارلياماني بابت صلاحڪار بابر اعواڻ، احتساب بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو خواب آهي ته اهو ملڪ ۾ چونڊون شفاف طريقي سان ٿين، ان سان ملڪ ۾ جمهوريت مضبوط ٿيندي ۽ عوام جا حقيقي نمائندا اسيمبلي ۾ پهچندا. هن چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت اليڪٽرانڪ مشين جي معاملي تي ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، سمورن لاڳاپيل ڌُرين سان ايندڙ چونڊن کي شفاف بنائڻ لاءِ ويجها رابطا آهن. اسان چاهيون ٿا ته ايندڙ چونڊن جي شفافيت تي قوم کي اعتبار ٿئي. ان موقعي تي بابر اعواڻ چيو ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي باري ۾ چيو هو ته اسان اليڪٽرانڪ ووٽنگ لاءِ ملڪ ۾ قانون موجود نه هو، هن لاءِ ان حوالي سان آرڊيننس جاري ڪيو. هن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ پڻ اليڪشن ڪميشن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جا محسن آهن، انهن جي اقتدار ۾ شرڪت ضروري آهي، اسان چاهيون ٿا ته 2023ع جون چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ٿين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو