اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمئن بلاول ڀٽو چيو آهي ته ملڪي معيشت کي درست ڪرڻو آهي ته اڳتي عمران خان جهڙن تجربن کان بچڻو پوندو. پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان جي ناڪام معاشي پاليسين جي ڪري ملڪ جو وچولو طبقو غريبيءَ جي ور چڙهي ويو آهي. عمران خان هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي هئي پر اقتدار ۾ اچي ماڻهن کان روزگار کسي ڇڏيو. هن وڌيڪ چيو ته 20 ڪروڙ عوام کي مهانگائي حوالي ڪري عمران خان پنهنجي ڪجهه سيڙپڪار دوستن لاءِ معاشي پاليسيون ٺاهيون. هن چيو ته جيستائين عوام کي اٽو ، لٽو ، اجهو ۽ روزگار نه ٿو ملي تيستائين معاشي ترقيءَ جون دعوائون اجايون ئي آهن.
187