اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پوري ملڪ ۾ڪورونا وگهي وڌيڪ 58 ماڻهو فوت ۽ 1490 متاثر ٿيا آهن، پر متاثر ٿيڻ جي شرح گهٽجي 3.02 سيڪڙو تي پهتي آهي. ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾پوري ملڪ ۾49 هزار 285 ماڻهن جي ڪيل ٽيسٽن مان 1490ماڻهو متاثر نڪتا آهي، اهڙي ريت ڪورونا وگهي فوت ٿيلن جو انگ وڌي 21 هزار 323 ۽ متاثرن جو انگ 9 لک 33 هزار 630 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 8 مريض فوت ۽ 707 متاثر ٿيا. جنهن کان پوءِ سنڌ ۾ فوتين جو انگ وڌي 5144 ٿي ويو آهي. جڏهن ته متاثرن جو انگ وڌي 3 لک 24 هزار 518 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ پوري ڪراچيءَ ۾ 375 ، ضلع حيدرآباد ۾ 31، ضلع شهيد بينظير آباد ۾ 25، ضلع بدين ۾ 22، ضلع شڪارپور ۾ 21، ضلع قمبر ۾ 18، ضلع سانگهڙ ۾ 17، ضلع لاڙڪاڻي ۾15، ضلع ٺٽي ۾ 15، ضلع سجاول ۾ 15، ضلع دادو ۾14، ضلع ٽنڊوالهيار ۾ 14، ضلع ڪشمور ۾13، ضلع نوشهروفيروز ۾ 12، ضلع گهوٽڪي ۾9، ضلع عمرڪوٽ ۾ 9، ضلع جيڪب آباد ۾8، ضلع مٽياري ۾8، ضلع ٿرپارڪر ۾ 8، ضلع ڄامشوري ۾8، ضلع خيرپور ۾4 ۽ ضلع ميرپورخاص ۾ 4 ماڻهو متاثر ٿيا.
192