238

بينظير سپورٽ پروگرام جي اڳوڻي چيئرپرسن فرزانه راجا اشتهاري قرار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي احتساب عدالت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اڳوڻي چيئرپرسن فرزانه راجا کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب اسلام آباد احتساب عدالت ۾ٻڌڻي ٿي، محمد سليم بيگ ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا، جڏهن ته عدالت فرزانه راجا جا دائمي وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته فرزانه راجا جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪري نالو اي سي ايل ۾وڌو وڃي. جڏهن ته فرزانه راجا جي ريفرنس کي الڳ ڪري فرد جرم لاءِ نئين تاريخ به مقرر ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو