217

ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ڌرڻو هڻندڙ سمورن سنڌين کي دهشتگرد قرا ڏئي ڇڏيو

ملير (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان، فيصل سبزاواري، وسيم اختر اظهار الحسن ۽ ٻيا سومر ڏينهن بحريا ٽائون ۾ پهچي ويا جتي هنن متاثرن سان همدردي جو اظهار ڪيو. جنهن کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن  بحريه ٽائون وٽ ڌرڻو هڻندڙ سمورن سنڌين کي دهشتگرد قرار ڏنو ۽ چيو ته گذريل ڏينهن سنڌ جي دهشتگردن بحريه تي حملو ڪري پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچايو. سڄي سنڌ جي دهشتگردن کي بحريه ٽائون آڏو گڏ ڪري سنڌ حڪومت دهشتگردي ڪرڻ جي کليل اجازت ڏني. ان سڄي دهشتگردي جي پويان پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت ڀائيوار آهي. هنن چيو ته سنڌو ديش جو خواب تيستائين تائين ساڀيان نه ٿيندو جيستائين هڪ به مهاجر جيئرو آهي.  هنن چيو ته  دهشتگرد بحريه ٽائون جي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندا رهيا پر سنڌ حڪومت ڪٿي به نظر نه آئي. هن چيو ته بحريه ٽائون تي حملي ۾ ملوث دهشتگردن مٿان ملڪ دشمني جا ڪيس داخل ڪيا وڃن. هنن چيو ته وفاقي حڪومت عمران خان ايڏي وڏي دهشتگردي تي ڇو خاموش آهي ۽ ڪڏهن سجاڳ ٿيندو. جڏهن اسان مري وينداسين. تڏهن سجاڳ ٿيندو هنن چيو ته سنڌو ديش ڪنهن به صورت ۾ ٺھڻ نه ڏينداسين، سنڌ ۾ وڌيڪ نوان صوبا ٺهڻ گهرجن ۽ ڪراچي کي به صوبو ٺاهيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو