118

حزب الله ميمڻ هڪ عظيم انسان

ليکڪ: جاني خاصخيلي

چوندا آهن ته دنيا فاني آهي، هڪ نه هڪ ڏينهن هر انسان کي هيءَ دنيا ڇڏڻي آهي، پر جڏهن ڪو بيگناهه انسان قتل ٿئي ۽ وري اهو انسان مفڪر هجي، ڏاهو هجي يا ڪنهن به شعبي ۾ رهي دنيا ۽ انسانذات جي خدمت ڪندڙ هجي ته ان جو وڇوڙو ڪڏهن به ناهي وسري سگهندو، اهڙا وڇوڙا صدين تائين ياد رهندا آهن ۽ جي ان بيگناهه قتل ٿي شهادت ماڻيندڙ انسان جي رت سان انصاف نه ٿي سگهي، موت جو سبب بڻجندڙ ڌريون گرفتار نه ٿين ته اها شهادت سدائين انصاف جي منتظر رهندي آهي، 1990ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد ۾ به هڪ اهڙي انسان کي روڊ تي سرعام ڏينهن ڏٺي جو گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو، جنهن هن ڌرتي، انسانذات ۽ ثقافت جي خدمت پئي ڪئي، 1990ع ۾ حيدرآباد شهر لساني فسادن جي ورچڙهيل هو ۽ بيگناهه انسانن جو رت وهايو پئي ويو، پنهنجي ڌرتي بچائڻ لاءِ سنڌ جي ماڻهن ڳڀرو جوانن جون قربانيون پئي ڏنيون، ڌرتي تي رت سان رنڱيل ريٽا لاش اڇلايا پئي ويا، انهن شهادتن واري لسٽ ۾ ڌرتي جي هڪ سڄڻ نفسيات جي ماهر پروفيسر حزب الله ميمڻ جو به نالو اچي ويو، کيس دهشتگردن گولين جو نشانو بڻايو، ايترا سال گذري ويا، شهيد جي وارثن سان انصاف نه ٿيو ۽ شهيد جو خون ائين ئي ٻڏي ويو، جيئن ٻين سنڌي سپوتن جا ٻڏي ويا، پر سپوت ڪو معمولي سپوت نه هو، هو ايشيا جو واحد ماهر نفسيات دان، ماهر علم نجوم، هٿ شناس ۽ مختلف ٻولين جو ڄاڻو به هو، پاڻ قانون جو ڄاڻو به هو ۽ وڪالت جي پريڪٽس پڻ ڪئي هئائين، هن کي سچ جي ڏوهه ۾ قتل ڪيو ويو ۽ ان کانپوءِ به سوين ڪونڌر شهيد ٿيا ۽ تيستائين شايد اهو سلسلو جاري رهندو، جيستائين اسين ان ڏک کي، انهن تباهين کي، بربادين کي، محرومين کي هڪ طاقت ۾ تبديل نه ڪنداسون، اڄ به 1990ع واري اها ئي دهشتگردي پنهنجي جاءِ تي قائم رهندي پئي اچي، رڳو ان دهشتگرديءَ ۾ ملوث ماڻهن جون شڪليون تبديل ٿينديون ٿيون رهن، دهشتگردي جو اهو هڪ تاريخي تسلسل آهي، جيڪو وڏي عرصي کان هلندو پيو اچي، اهي اڄ به پنهنجين ڪهري ڪاررواين ۾ مشغول آهن، وطن جا ويري ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ اڄ به مضبوط آهن، انهن جو ڪير به نالو وٺڻ وارو ناهي ۽ هو اوترا يا ان کان به وڌيڪ بيباڪ انداز ۾ پنهنجون ڪارروايون جاري رکيو پيا اچن، 20 مئي 1990ع تي دهشتگردن حيدرآباد جي قديم قلعي کان وٺي مارڪيٽ ٽاور تائين ان سڄي علائقي تي قابض ٿي ان کي سنڌين لاءِ نوگوايريا بنائي ڇڏيو، جن ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو انهن جا لاش ته 3 ڏينهن تائين وارثن کي نه پئي مليا ۽ اهي اتي ئي پيا رهيا، جتي سندن زندگيون کسيون ويون هيون، سمورا ڌرتي ڌڻي بي يارو مددگار بڻيل هئا، ڪنهن ۾ ڪا همٿ ئي نه هئي جو پاڻ مٿان ٿيندڙ ظلم تي ڪا دانهن ڪري سگهي ۽ دهشتگردن، پوليس فورس کي ڌاڙيل ڄاڻائي، مسجدن مان لائوڊ اسپيڪرن تان اعلان ڪرائي مقابلي لاءِ ماڻهن کي اڀاريو، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس سان سخت مزاحمت ڪئي وئي، ان ظالماڻي ڪارروائي دوران پروفيسر حزب الله ميمڻ جي گهر ۾ قائم ڪيل سندس سڄي زندگيءَ ۾ گڏ ڪيل اڻلڀ ۽ قديم ڪتابن جي لائبريري، سون، چاندي جا سڪا ۽ ميرن جي زماني جي نوادرات کي لٽيو ۽ تباهه ڪيو ويو ۽ پروفيسر حزب الله ميمڻ جي رت سان هٿ رنڱيا، پروفيسر حزب الله ميمڻ کي دهشتگردن سندس ڊفينس واري گهر سامهون گوليون هڻي سندس زندگي کسي ورتي هئي، حزب الله ميمڻ اهو انسان هو، جيڪو يونيورسٽي ۾ نفسيات جو هڪ قابل ۽ هر دلعزيز استاد، دوستن جو دوست سڄي ڊپارٽمينٽ ۾ سندس هاڪ هوندي هئي، هو نه صرف پنهنجي استاد برادريءَ ۾ مقبول هو، پر ان سان گڏوگڏ شاگردن جو به هر مرحلي تي ساٿ ڏيندو هو، جڏهن به ڪنهن جو سندس آفيس جي اڳيان لنگهڻ ٿيندو هو ته کيس شاگردن جي جهرمٽ ۾ گهيريل ڏسبو هو، هو شاگردن سان هر مسئلي تي ڊسڪس ڪندو هو، پوءِ چاهي اهو تعليم جي متعلق هجي يا ڪو گهرو معاملو هجي، هو شاگردن جو استاد به هو ته مائٽ ۽ هڏڏوکي به هو ته دوست به هو، حزب الله ميمڻ جي وڇوڙي سان ايشيا ۾ هڪ ماهر نفسيات جو خال پيدا ٿي ويو، جنهن کي ڪڏهن به ڀري نٿو سگهجي، حزب الله ميمڻ جا قاتل اڄ به موجود آهن، پر حزب الله جي رت سان انصاف ناهي ٿيو، هيءَ ڌرتي ۽ هن جا ڌڻي اڄ به حزب الله ميمڻ جي رت سان انصاف ٿيڻ جي آس لڳايو ويٺا آهن، هاڻي حڪومتي ادارن جو فرض آهي ته اهي حزب الله ميمڻ جي رت سان انصاف ڪرائي، سندس قاتل کي وائکو ڪري سرعام ڦاهي ڏين

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو