ليکڪ: رياض سهيل
ٽرين جي رفتار 100 ڪلوميٽر في ڪلاڪ کان وڌيڪ هئي، ڊرائيور بريڪ هڻي گهڻي ڪوشش ڪئي پر اسان جي گاڏي ٽريڪ تي موجود بوگين سان ٽڪرائجي وئي، عبدالرحمان فيصل آباد کان رات 8 وڳي سر سيد ايڪسپريس ۾ سوار ٿيو هو، هن ٻڌايو ته ٽرين 100 کان وڌيڪ جي اسپيڊ ۾وڃي رهي هئي ۽ هو جاڳي رهيو هو جڏهن صبح جو لڳ ڀڳ پوڻي 4 وڳي هڪ زوردار جهٽڪو لڳو، ڊرائيور ٽرين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ٻين بوگين سان ٽڪرائجي وئي، سنڌ جي شهر گهوٽڪي جي ويجهو سر سيد ۽ ملت ايڪسپريس ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 40 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، جن کي ميرپورماٿيلو، رحيم يار خان ۽ ٻين اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، هي سٽون لکڻ تائين اڃا ڪيترائي مسافر ملت ايڪسپريس جي هڪ بوگي ۾ ڦاٿل هئا جن کي ڪڍڻ لاءِ امداد ڪارروايون هلي رهيون هيون، عبدالرحمان ٻڌايو ته ملت ايڪسپريس جون ڪجهه بوگيون ٽريڪ تان لهي ٻئي ٽريڪ تي اچي ويون هيون، جڏهن ته ٽريڪ اڳتي هلي وئي هئي، دل ڌوڏيندڙ منظر هئا ۽ ڪجهه ماڻهن جا جسم ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا هئا، هر طرف زخمين جون دانهون هيون، اهي منظر ڏسڻ جي همٿ ئي نٿي رهي هئي، ان واقعي جي هڪ اکين ڏٺي شاهد منير احمد گرگيج ٻڌايو ته هو حادثي کان فوري پوءِ واقعي واري هنڌ پهتو هو، ڇو ته هو حادثي واري هنڌ کان ٿورڙو ئي پري رهندا آهن، هن ٻڌايو ته حادثي واري جاءِ جو منظر ڏسي هو برداشت نه ڪري سگهيو، هن چيو ته مون وٽ اهڙا لفظ ئي ناهن جو ان دردناڪ منظر کي بيان ڪري سگهان، هر طرف انساني رت پکڙيل هو، ڪجهه مسافرن بوگين ۾ ڦاٿل هئا ۽ زخمي سور جي شدت ۾ چنگهي ۽ دانهون ڪري رهيا هئا، ان وقت امدادي ڪارڪن به اچي ويا ۽ مقامي سياستدان به پهچي ويا، پر انهن ماڻهن کي هٽايو ويو، جيڪي صبح کان زخمين کي ڪڍي رهيا هئا. اسپتال ۾ داخل هڪ زخمي جيڪو ٽرين ۾ اڪيلو سفر ڪري رهيو هو، انهي مقامي صحافي غلام حسن مهر کي ٻڌايو ته ٽرين ڪري ۽ سيٽون ٽٽي پيون ۽ آئون ڏکيائي سان ٻاهر نڪتو آهيان پر منهنجا پير ڀڄي پيا آهن.سندس چوڻ هو ته حالت تمام گهڻي خراب هئي، خبر ناهي ته ڪيتريون عورتون ۽ ٻارڙا اندر دٻيل آهن، هڪ ٻئي زخمي مطابق هو ڪولڊ ڊرنڪ وٺڻ لاءِ گاڏيءَ کان هيٺ لٿو ۽ کيس واپس اچي ويهندي اڃا ڪجهه سيڪنڊ ئي گذريا هوندا ته اوچتو شور ٿيو ۽ ٽرين پٽڙي تان لهي وئي، ڪافي ماڻهو هيٺ مٿي ڪري پيا ۽ پوءِ ٻي ٽرين اچي ٽڪر هنيو، جنهن سان وڌيڪ نقصان ٿيو، بيشمار ماڻهو زخمي ٿيا، ڪو وڃي فصلن ۾ ڪريو ته ڪو اتي ئي پيو هو، محمد نعمان به مٿو ڦاٽڻ سبب زخمي حالت ۾ اسپتال آندو ويو، هن ٻڌايو ته اسان سر سيد ايڪسپريس جي ڪيبن ۾ هئاسين، تقريبن 3 لڳي 45 منٽن تي ٽرين ٽڪرائي وئي ۽ ڪيبن دٻجي وئي، آئون، منهنجي زال ۽ 3 ٻارڙا ڦاسي پيا هئاسين، مون انتهائي مشڪل سان انهن کي ڪڍيو آهي. ڏهرڪي جي صحافي لالا قادر جيڪو واقعي واري هنڌ تي موجود هو، ان ٻڌايو ته 2 بوگيون اهڙيون آهن، جيڪي مڪمل طور تي دٻجي چڪيون آهن ۽ جن مان اڃا تائين ماڻهن کي ڪڍيو ئي نه ويو آهي، هن ٻڌايو ته روهڙي کان هيوي مشينري طلب ڪئي وئي هئي، جيڪا هاڻ پهتي آهي، ڊي ايڇ او گهوٽڪي ڊاڪٽر منظور احمد ٻڌايو ته هن وقت تائين 40 لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ زخمي آهن، هن ٻڌايو ته حادثي وارو هنڌ شهر کان پري آهي، ان ڪري امدادي گاڏيون پهچڻ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي، ايڊيشنل ڊي ايڇ او عبدالرزاق ٻڌايو ته انجڻ هڪ بوگي تي چڙهيل آهي ۽ هيوي مشينري نه هجڻ سبب ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي هئي پر هاڻ مشينري پهچي رهي آهي، مسافر عبدالرحمان ٻڌايو ته حادثي کانپوءِ مقامي ماڻهن تمام گهڻي مدد ڪئي، سندس چوڻ هو ته حادثي وقت گهڻي اوندهه هئي ۽ ڀرپاسي جا ماڻهو موٽرسائيڪلن تي پهچڻ شروع ٿيا ۽ انهن موٽرسائيڪلن ۽ موبائل فون جي روشني ۾ زخمي ۽ لاش ڪڍڻ شروع ڪيا، 5 وڳي جي لڳ ڀڳ سج جي روشني ٿي، ان وقت تائين پوليس ۽ ايمبولينس به پهچي ويون هيون، هن ٻڌايو ته محفوظ رهندڙ مسافرن کي ٽريڪٽر ٽرالين ۽ موٽرسائيڪلن تي سوار ڪري ڏهرڪي پهچايو ويو ۽ رستي ۾ انهن کي چانهه پياري ناشتو به ڪرايو ويو ۽ هاڻ هو بس ذريعي ڪراچي لاءِ روانا ٿي رهيا آهن، مقامي صحافين مطابق ڀرپاسي جي ماڻهن پنهنجن گهرن مان اجرڪ ۽ چادرون کڻي لاشن کي ڍڪيو، جڏهن ته مسافرن لاءِ پاڻي جي ڪولرن ۽ ناشتي جو به بندوبست ڪيو ويو هو. حادثي ۾ مسافر ٿيل بوگين ۾ 2 بزنس ڪلاس بوگيون به شامل آهن، صحافي مطابق هڪ عورت دٻيل بوگي مان پنهنجي مائٽن کي فون ڪري رابطو ڪيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته هو بوگي نمبر 6 جي سيٽ نمبر 13 تي موجود آهي ۽ ان جي حالت خراب آهي، ان عورت جي مائٽن ضلعي انتظاميا سان رابطو ڪيو آهي ۽ عملدار ان بوگي کي ڪٽي عورت کي ريسڪيو ڪري ورتو هو.