116

سنڌ جي نھري پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ جو سوال…؟؟

ليکڪ: ”راز“علي گل ڀٽو

جڏھن انگريز ١٩٣٧ع ۾سکر بئراج تيار ڪيو ته ان کان پوءِ گڊو بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراجن جي مڪمل ٿيڻ مھل بئراج کان پڇڙيءَ تائين پاڻيءَ جي ورھاست جو ھڪ منصفاڻو نظام به لاڳو ڪيو ويو ھو، جنھن ۾ واھن، شاخن ۽ واٽر ڪورسن جو ھڪ وسيع ڄار وڇايو ويو، جن  جي سار سنڀال لاءِ چيف انجينيئر ،سپرنٽينڊنٽ انجنيئر، ايگزيڪٽو انجنيئر، ايس ڊي او، اوورسيئر، ڪئنال اسسٽنٽ، گيجيٽيئر، آبدار، داروغا ۽ بيلدار سطح جا عملدار مقرر ڪيا ويا، جن جي ذمي ان سڄي نظام جي نگھباني ۽ منصفاڻي ورڇ ذريعي پاڻي پڇڙيءَ تائين پھچائڻ ھو، عملدار زميندارن ۽ آبادگارن جون شڪايتون ختم ڪرڻ لاءِ مخصوص جاين تي ھفتيوار ۽ ماھوار کليل ڪچھريون ڪرڻ لاءِ منزلون ڪندا ھئا، اھڙي طرح ھرڪو ھاري ناري ۽ زميندار مطمئن ھوندو ھو، روزانو صبح جو ھر واهه، شاخ ۽ واٽر ڪورس مان پاڻيءَ جو نيڪال لکي اعليٰ عملدارن تائين پھچايو ويندو ھو، جنھن لاءِ آبپاشي کاتي وٽ پنھنجو ٽپال ۽ ٽيليفون جو برجستو نظام موجود ھوندو ھو، جيڪو اڳتي ھلي بي راهه روي ۽ لاپرواھيءَ جي ڪري موجوده تباهه حاليءَ کي پھتو آھي، بندن، واھن ۽ شاخن جي ڪنارن سان بيلدار روزانو ڇڻڪار ڪندا ھئا،ڪنارن ۽ ڇڻڪار کي خراب ڪرڻ قابل گرفت ڏوهه سمجھيو ويندو ھو، ھر سال ھر واٽر ڪورس جي سالياني حصيداري جي فھرست جاري ڪئي ويندي ھئي، جنھن تي عمل ڪرائڻ جي ذميواري آبدار جي ھوندي ھئي، جيڪا قانوني طور اڄ به آھي، پر ان تي عمل ڪو نه ٿو ٿئي، شاخن ۽ واھن مان ماڊولن ذريعي واٽر ڪورسن ۾ منظور ٿيل مقدار ۾ پاڻي ڇڏيو ويندو ھو، داروغا اوچتو يا شڪايت تي ماڊولن جي ماپ چڪاسيندا ھئا، ماڊولن سان ماپ کان سواءِ ھٿ چراند ڪرڻ قابل سزا ڏوهه ھو ۽ آھي، پر عمل ڪونھي، ماڊول کان سواءِ ڪنھن ٻئي طريقي مثال طور گھاري، جھٽي، لول يا لولي، يا پائيپ سان پاڻي کڻڻ ڏوهه ھو ۽ آھي،کاتيدار ائين ڪرڻ کان اڳ ۾سؤ ڀيرا سوچيندو ھو، واھن ۽ شاخن ۾مال ويھارڻ کي وھڪري ۾رڪاوٽ وجھڻ جو ڏوهه ليکيو ويندو ھو ۽ آھي، جنھن تي ھاڻي عمل ڪرڻ خواب ٿي ويو آھي، جنھن ڪري واھن ۽ شاخن کي اڪثر ڪري گھارا پوندا آھن ۽ نقصان ٿين ٿا، اھڙن ڏوھن جون ٿاڻن ۾فريادون داخل ٿينديون ھيون ۽ عدالتن ۾ ڪيس داخل ٿيندا ھئا ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزائون ملنديون ھيون، پر اڄڪلھه ھر جاءِ تي انصاف جي پوياڙي ٿيڻ ڪري ڪو به قانون جي تپش کي محسوس نٿو ڪري، آبپاشي نظام تحت مضبوط مواصلاتي ۽ اچ وڃ جي نظام کي ھٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آھي ۽ ڪيو پيو وڃي، بچاءَ بندن، واھن ۽ شاخن جي ڪنارن تي مٽي وجھي مضبوط ڪرڻ بدران ڏاڍ مڙسي ۽ رشوت جي طاقتور ھٿيار جي زور سان اتان مٽي کڻائي ڪپرن ۽ ڪنارن کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي، سالياني وارابنديءَ دؤران آبپاشي عملدار واھن ۽ شاخن جي ترن مان مٽي وڪڻي پئسو ڪمائيندا آھن، جنھن سان دنيا جو وڏي ۾ وڏو آبپاشي نظام ذري گھٽ تباهه ٿي ويو آھي، انھيءَ لاقانونيت ۽ لاپرواھيءَ سان به پاڻي ڪافي ضايع ٿي رھيو آھي، اڳي واھن ۽ شاخن جي مھڙ وٽ پڪيون لانڍيون ۽ منزل گاھون ٺھيل ھونديون ھيون، جن ۾باغ، باغيچا ۽ وڻڪار ھوندي ھئي، جتي ماڻھو تفريح لاءِ ايندا ھئا ۽ ڪچھريون ڪندا ھئا، ميڙا مچندا ھئا، پاڻيءَ جي ورڇ کي منصفاڻو بڻائڻ لاءِ واھن ۽ شاخن تي چوڪيداري نظام لاڳو ھو، جيڪو پڻ عملدارن جي لاپرواھي ۽ يونين بازيءَ جي ڪري ختم ٿي چڪو آھي، حالت اھا آھي جو آفيسن ۾ ويھڻ وارو عملو آفيسن مان غائب ۽ سرزمين جو عملو اتان گم آھي، اھي رڳو پگھارن جي ڪتابن ۾حاضر آھن، جنھن ڪري حاجت مند ۽ سائل کاتيدار رولڙي جو شڪار آھن، جن کي داد رسيءَ لاءِ سال لڳيو وڃن، درياهه جي آبڪلياڻ وھڪرن تي قبضا ڪري انھن کي زرعي زمينن سان ملايو ويو آھي، شاخن جا ڪپر ۽ واھن جا ڪنارا به قبضن جي ور چڙھي ويا آھن، جنھن سان پاڻيءَ جي وھڪرن ۽ ورڇ ۾وڏي رڪاوٽ ۽ ناانصافي ٿئي ٿي، ان سموري عمل ۾ آبپاشي عملي جي غفلت ۽ لالچ جو وڏو عمل دخل آھي، جنھن جي گواھي سپريم ڪورٽ جو پاڻمرادو ڌيان ڏيڻ آھي، سنڌ ۾بئراجي ۽ نھري نظام کان اڳ ۾ سنڌو جي موج مستيءَ يعني ٻوڏ واري جوانيءَ مان وھندڙ پاڻي، ڍنڍن، ڍورن، ڦاٽن، ٻوڏ وارن واھن ۽ واھڙن مان ٿيندو ٿر بر ٻوڙيندو وڃي سنڌو ساگر سان سينو ملائيندو ھو، وري جڏھن سنڌؤ جي ٻوڏ ۾سانت ايندي ھئي ته ساڳيا ڍنڍون، ڍورا، ڦاٽ، ٻوڏ وارا واهه ۽ واھڙ ميلن ۾ وڏن تلائن جي شڪل ۾ ڀرجي ويندا ھئا ۽ جن مان ماڻھو، پکي پکڻ ۽ جانور به پاڻي پيئندا ھئا ۽ ھاري ناري انھن تي نار چاڙھي پوکون پوکيندا ۽ پچائيندا ھئا، ١٩٣٧ع کان اول سال ۾صرف ھڪ ڀيرو فصل پوکبو ھو، جنھن کي ھڪ فصلي ڪوٺبو ھو، جنھن سان ھر ماڻھو جو گذر سفر ٿيندو ھو، بئراجن کان پوءِ پوکي راھيءَ جو نظام ئي بدلجي ويو، ھاڻي ته ٻه ٻه ۽ چار چار فصل به پوکجڻ لڳا آهن، 1960ع جي ڏھاڪي کان اڳ ۾سنڌ کي ملڪ جي 6 درياهن مان پاڻيءَ جو حصو ملندو ھو ۽ ان وقت آباد زمين به گھٽ ھئي، ان ڪري پاڻيءَ جي کوٽ محسوس ڪونه ٿيندي ھئي، ھر سال ٻوڏ اچڻ ڪري سنڌ جو جر به مٺو ھو، 1960ع واري ڏھاڪي ۾ جنرل ايوب خان جي سرڪار ملڪ جي ٽن درياهن ستلج، بياس ۽ راويءَ جو پاڻي ھندستان کي وڪرو ڪري ڏنو، جنھن کوٽ جو گھڻو نقصان به پڇڙيءَ ۾ ھجڻ ڪري سنڌ کي ٿيو، ھاڻي باقي بچيل ٽن درياهن جي پاڻيءَ تي به مھڙ ۾ھجڻ ڪري پنجاب جي ڏاڍ مڙسي جاري آھي، جنھن کوٽ کي سنڌ اڄ تائين ڀوڳي پئي، سنڌ طاس معاھدي کان ھٽي ڪري پنجاب غير قانوني واهه وھائي رھيو آھي، جنھن سان سنڌ جي حصي جو پاڻي به گھٽجيو وڃي، انھيءَ سڄي مامري کان پوءِ جڏھن پنجاب کان ملندڙ پاڻي سنڌ۾داخل ٿئي ٿو ته سنڌ جي ٽنھي بئراجن مان نڪرندڙ واھن جي پاڻيءَ تي سنڌ جا وڏيرا، جاگيردار، سردار ۽ ڪامورا گڏجي غير قانوني طور تي ننڍن آباد گارن ۽ ھارين جي حصي جو پاڻي کڻن ٿا، جن جا مختلف طريقا آھن، آبپاشي نظام ۾ ٻوڏ واري پاڻي کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪچي کي ڳنڍڻ خاطر سلوس ٺاھيا ويا پر طاقتور ماڻھن ڪچي جون قبضو ڪيل زمينون آباد ڪرڻ لاءِ سلوس ٻارھو ئي وھائڻ شروع ڪيا، جنھن سان به واھن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿي، واھن مان ھيل تائين سون جي تعداد ۾ طاقت جي زور تي قانون بدلائي شاخون وھايون ويون آھن، موجود ماڊولن جا منھن ويڪرا ڪرائي  پاڻيءَ جي کڻت وڌائي وئي آھي، نوان ماڊول ٺھرائي نيون اڏون وھايون وڃن ٿيون، شاخن تي بور ۽ مشينون ھڻائي ٽيوب ويلن جيان پاڻي کنيو وڃي ٿو، نار ۽ جھٽا ان کان سواءِ آھن، ڪپرن کي کنڊ ھڻي، وچان ڳنڍا ۽ ٻنڊا ڏئي به پاڻي چورايو وڃي ٿو، واھن ۽ شاخن جا دروازا زبردستي يا مٺ گرم ڪرڻ سان کولرائي ۽ بند ڪرائي پاڻيءَ جي سطح کي گھٽايو ۽ وڌايو وڃي ٿو، جنھن لاءِ وڏن کاتيدارن جي آبپاشي عملدارن سان رھه رسائي آھي، ان سڄي غير قانوني ڏاڍ مڙسيءَ کي پڇڙيءَ جا آبادگار ڀوڳين ٿا، ان ڪري ويران شاخن ۽ اڏن تي مسڪين ھارين جا ڌرڻا ۽ مظاھرا لڳن ٿا، سندن وس ۾ آھي به اھوئي، باقي ڏاڍ جي گابي اڳيان بيوس ھاري لاچار آھي، ھينئر سنڌ جو زميندار، جاگيردار ۽ سردار پاڻيءَ جي معاملي ۾ننڍن آبادگارن ۽ ھارين سان اھڙوئي سلوڪ ڪري رھيو آھي جھڙو ورتاءُ پنجاب سنڌ سان ڪري رھيو آھي، ڦرجي به ھاري ٿو ۽ ٻڌجي به ھاري ٿو، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جيڪي زرعي سڌارا آندا، انھن ۾زمين کي ٿورن مالڪن مان گھڻن مالڪن ۾ ورھايو ويو، جنھن سان زمين جا آبادگار گھڻا ٿي پيا، پر ڪجهه موروثي سردارن ۽ جاگيردارن کي اھا ڳالهھ نه وڻي، جنھن ڪري ھو ضياءُالحق جي انتقامي سياست جا حامي بڻجي، زرعي سڌارن کي ناڪام بڻائيندي اڳ کان به وڌيڪ زمين جا مالڪ بڻجي طاقتور ٿي ويا، ٻين لفظن ۾ ته گھڻي زمين ٿورن ھٿن ۾ اچي وئي آھي، جنھن سان ننڍي آبادگار ۽ ھاريءَ جو معاشي استحصال ٿي رھيو آھي، اھڙي حالت ۾ سنڌ سرڪار دانھن ڪرڻ بدران ڪاغذن ۾ موجود قانون کي تحرڪ ۾ آڻي، آبپاشي عملي کي نوڪريءَ جو پابند بڻائي ته پاڻيءَ جي گھڻي کوٽ ختم ٿي سگھي ٿي، عملدار دفترن ۾ ۽ بيلدار داروغا واھن ۽ شاخن تي نظر اچن ته اندروني طور پاڻيءَ جي ورڇ صحيح ٿي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو