130

عورتن جي احترام کانسواءِ ترقي جو تصور..؟؟

ليکڪ: وسعت الله خان

اوهان جهالت واري دور جون ويهه خرابيون ڳڻائي سگهو ٿا، ڌيئرن کي زندهه دفن ڪرڻ واري روايت تي سئو ڀيرا ملامت ڪري سگهو ٿا، پر هڪ داد ته ٺهي ٿو، عرب پنهنجي مخالفن تي هر قسم جون سختيون ڪندا هئا، تذليل جو ڪو به موقعو ضايع نه ڪندا هئا پر پنهنجي دشمن جي عورت جو نالو وٺي سرعام ان جي خواري ڪرڻ يا ڏيڻ کي نامردي سمجهندا هئا. ڪڏهن ڪنهن ۾ اهو جذبو جاڳندو به هو ته سماج جون گهوريندڙ اکيون سندس حوصلو پست ڪري ڇڏينديون هيون، جڏهن اسلام آيو ته پٽ پيءُ جي احترام ۾ اٿي بيهندا هئا پر پيءُ ڌيءُ جي احترام ۾ بيهي رهندو هو.اهو ڪو ذاتي لڳاءُ يا رت جي محنت جو معاملو نه هو، پر هن عالم کي اهو پيغام ڏيڻ مقصد هو ته نئون اخلاقي نظام ڪهڙن بنيادن تي بيهڻ وڃي رهيو آهي، ان نئين نظام تحت وڻ، بزرگ، عورت ۽ ٻار انتقام جي دائري مان هڪ ئي وقت خارج ڪرڻ جو فرمان جاري ٿيو، اها نبي ڪريم صه جي ته تعليم هئي ته ڪا به ڳالهه نامڪمل يا ان جي سنجيدگي سمجهڻ ۽ بنا تحقيق جي وات مان نه ڪڍڻ، جيتري ڳالهه يا واقعو ٿيو آهي اوتري ئي بيان ڪريو ان ۾ مرچ مصالحا وجهي ان کي هرو ڀرو وڌائي پيش نه ڪريو، دليل جو مقابلو ذاتي جذبات جي تلوار سان نه ڪريو، بي دليل ٿي وڃو ته سامهون واري تسليم ڪريو نه ته خاموشي اختيار ڪريو، جيڪڏهن اهو نه ٿيو ته سڄو عذاب مفت ۾ اوهان جي ڪنڌ تي ڪرندو، پر امت ڪا به هجي انهن تعليمات کي برحق ته سمجهي ٿي پر عمل جو بار کڻڻ لاءِ هرگز راضي نٿي ٿئي، ڪڏهن وڏڙن جي رواجي بڙ هيٺان پناهه وٺي ٿي ته ڪڏهن اصل کي لڪائي پنهنجي مفادن جو نقل تيار ڪري وٺي ٿي، ۽ پنهنجي خواهشن جي فتويٰ جي ڌاڳن سان ان کي سبي مرضيءَ جو ڪپڙو تيار ڪندي رهي ٿي. ڪڏهن به اصل پيغام جي اندر لڪل روح کي بيڪار بحث جي اوزار سان زخمي ڪري ڀڄائڻ بعد بي روح ڍانچي جي پوڄا شروع ڪري ڇڏي ٿي ۽ اها جبلي ٽيڏائي ته آهي، جنهن کي سڌو ڪرڻ لاءِ هڪٻئي پويان انبياءَ ايندا رهيا آهن، پر اها ٽيڏ اڄ به اتي جو اتي ئي آهي، اڄ به جيڪو منظر آهي، ان ئي نظرياتي سوچ جو نتيجو آهي، مطلب منافقت وقت جو رائج سڪو آهي،  ڪنهن ڇا خوب چيو آهي ته ڪنهن به سماج جي ذهني صحت جانچڻي هجي ته بس اهو ڏسي وٺو ته اتي ڪمزور طبقن عورت ۽ ٻارن جو ڪيترو خيال رکيو وڃي ٿو، اسان جيڪي معرب جي عورت جي استحصال جي مقابلي ۾ مشرق جي عورت جي عظمت جا ڳڻ ڳائيندي نٿا ٿڪجون ته نيٺ اسان اهي ڳڻ ڳايون ڇو ٿا؟ ڇا اسان وٽ جيڪا بدزباني مروج آهي ان ۾ عورت جو ڪردار مغربي يا ڪنهن ٻئي سماج جي بدزباني کان گهٽ آهي؟ ڇا اسان عورت جي حجاب ۽ ڪپڙي کان وڌيڪ پنهنجي نگاهه جي پردي تي ڪنهن ٻئي سماج کان وڌيڪ زور ڏيون ٿا؟ ڇا اسان انتقام جي باهه ۾ انڌا ٿيڻ باوجود مرد، عورت ۽ ٻار جي تميز برقرار رکندا آهيون؟ ڇا اسان جا قانون ٻين رياستن جي قانونن کان وڌيڪ عورت دوست آهن؟ ڇا اسان وٽ عورتن ۽ ٻارڙن خلاف ڏوهن جي مرتڪب ماڻهن کي سزائون ڏيڻ جو تناسب ڪنهن ٻئي ملڪ جي مقابلي ۾ مثالي آهي؟ ڇا اسان مرد کان وڌيڪ عورت جي لازمي تعليم جي حق ۾ آهيون؟ ڇا اسان وٽ روز مرهه جي خانگي مسئلن، رشتن ناتن جي معاملن، جائيداد جي ورهاست جي بنيادي معاملن ۾ عورت کان مشوري يا پڇا ڪرڻ جي شرح ڪنهن به ٻئي سماج جي مقابلي ۾ حوصلي واري آهي؟ ڇا غيرت ۽ بي غيرتي جي امتحان ۾ پنهنجي پٽ يا ڌيءُ کي هڪ اک سان ڏسون ٿا؟ يا وري هڪ لاءِ اکيون ضرورت کان وڌيڪ کليل رکون ٿا ۽ ٻئي لاءِ مڪمل بند ڪري ڇڏيون ٿا؟ ڇا اسان جي عورت ۽ اسان جو ٻار ڪنهن به ٻئي معاشري جي مقابلي ۾ گهر اندر يا ٻاهر وڌيڪ محفوظ آهي؟ جيڪڏهن انهن سوالن مان 50 سيڪڙو جا جواب به ها ۾ آهن ته پوءِ هن سماج کي منهنجو پرخلوص سلام! ٿورڙو تصور ڪريو ته جيڪڏهن مهرالنساءِ مخفي اورنگزيب بادشاهه بدران ڪنهن ٻئي جي ڌيءُ هجي ها ته ڇا ان جي شخصيت جي چير ڦاڙ ڪرڻ بنا سندس شعرن جي ايتري ئي پذيرائي ٿئي ها جيتري اڄ تائين آهي، جيڪڏهن فاطمه جناح محمد علي جناح جي ڀيڻ نه هجي ها ته ڇا ان جي تاحيات شادي نه ڪرڻ جي فيصلي کي بنا ڪنهن سس پس جي هي سماج ايترو ئي احترام ڏئي ها؟ پر شايد آئون حسن ظن کان ڪم وٺي رهيو آهيان، اڄ جيڪڏهن ملالا جي چئني طرفن کان ايڪسري پلانٽ نصب ٿيل آهن ته حيرت ڇو؟ سوچيو جيڪڏهن تاريخ تي اثرانداز ٿيندڙ عورتون ئي نه بخشيون ويون آهن ته اسان جي چوطرف جي هڪ عام عورت ڀلا ڪهڙي زمين جي موري آهي؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو