ليکڪ: نثار احمد سومرو
شهيد الله بخش سومرو پنهنجي خاندان جو پهريون ماڻهو هو جنهن سياست ۾ دلچسپي ورتي، هن جا ڏاڏا ۽ پڙ ڏاڏا ٺيڪيدار يا واپاري هئا. شهيد الله بخش سومرو پنهنجي سياست جي شروعات جيڪب آباد کان ڪئي، هتان ئي ميمبر لوڪل بورڊ چونڊجي ويو، اڳتي هلي هن کي ضلعي سکر جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو ۽ بعد ۾ بمبئي کان جدا ٿيڻ کان پوءِ پهرين اليڪشن ۾ ئي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو، هي ڪٽنب مان پهريون ماڻهو هو جيڪو سياست ۾آيو ۽ بعد ۾ حاجي مولا بخش سومرو سندس پٽ رحيم بخش سومرو به سياست ۾ آيا ۽ اسيمبلي جا ميمبر ۽ وزير پڻ ٿيا، پر شهيد الله بخش سومرو جي سياسي سوچ ئي نرالي هئي. شهيد الله بخش سومرو جنهن وقت ۾ سنڌ جو وزيراعظم هو ان وقت هندستان ۾ ٻه وڏيون پارٽيون هيون ڪانگريس ۽ مسلم ليگ پر شهيد الله بخش سومرو نه ڪانگريس ۾ ويو ۽ نه مسلم ليگ سان گڏ رهيو. بقول سائين جي ايم سيد جي ته شهيد الله بخش سومري چيو ته اسان کي ڪنهن به اهڙي پارٽي ۾ شامل نه ٿيڻ کپي جيڪا هندستان ليول جي هجي، اسان کي سنڌ سطح تي ئي ڪم ڪرڻ گهرجي. مولانا عزيزالله ٻوهيو لکيو آهي ته مولانا عبيدالله سنڌي ، شهيد الله بخش سومرو کي قائل ڪيو ته هو انگريزن کي اهو واضع ڪري ته اوهان هن علائقي مان هليا وڃو، سنڌ جي تاريخ نه اڳ ۾ لکي وئي آهي نه ئي ان کان بعد ويجهي ماضي ۾ لکي وئي آهي. سنڌ کي انگريزن غلام بڻايو پر ان سان گڏ سنڌ جي حيثيت کي به ختم ڪري بمبئي سان ملايو ويو، اسان بمبئي جو حصو ٿي وياسون. سنڌي ماڻهو سنڌ جي بمبئي کان آزادي لاءِ ۽ ان جي حيثيت کي بحال ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا. آخرڪار 1935ع ۾ اهڙو قانون پاس ڪيو ويو جنهن سان 1936ع ۾ سنڌ جدا صوبو قائم ڪيو ويو. ۽ سنڌ جو نالو وري زنده ڪيو ويو، ان تحريڪ ۾ سَر شاهنواز ڀٽو، سائين جي ايم سيد ، شهيد الله بخش سومرو ۽ سر عبدالله هارون اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪيو. 1937ع ۾ سنڌ صوبي جي اليڪشن ۾ شهيد الله بخش سومرو ڪامياب ٿيو ۽ انهي جي اڪثريت به هئي. پر انگريز سرڪار سر غلام حسين هدايت الله کي وزير اعظم مقرر ڪيو. سنڌ جي تاريخ جو پهريون اپوزيشن ليڊر شهيد الله بخش سومرو ٿيو، جنهن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. بجيٽ جي موقعي تي سر غلام حسين هدايت الله جي حڪومت ڪري پئي. جنهن کانپوءِ شهيد الله بخش سومرو سنڌ جو وزيراعظم ٿيو. هن پنهنجي وزارت جو خاص مقصد عوامي ساست تي رکيو، هن پنهنجي وزير پير الاهي بخش کي خاص هدايت ڪئي ته سڄي سنڌ ۾ کليل ڪچهريون ڪري، ماڻهن جي مسئلن کي ٻڌو وڃي ۽ انهن کي حل ڪيو وڃي، انهي کانسواءِ شهيد الله بخش سومرو ڪميونسٽ ليڊ برڪت علي آزاد، جنهن جو جيڪب آباد سان تعلق هو کي گهرائي چيو ته سنڌ ۾ هاري ڏتڙيل آهي، اهو محنت ڪري ٿو ۽ اَن اُپائي ٿو ٻين جي لاءَ سُک پيدا ڪري ٿو، پر ان جا ٻچا ٻار نه تعليم ٿا پرائي سگهن ۽ نه ئي انهن کي سُٺي کاڌ خوراڪ ملي سگهي ٿي، انهن ۾ سڄاڳي پيدا ڪئي وڃي، انهن ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو وڃي، جنهن لاءِ سڄي سنڌ ۾ هاري ڪانفرنسون گهرايون وڃن. انهن کي پنهنجي حقن جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ گهرجي اهڙي طرح چاچا برڪت علي آزاد پهرين هاري ڪانفرنس نوابشاهه ٻئي روهڙي (سکر) ۽ بعد ۾ چڪ ۾ گُهرائي وئي جنهن ۾ پوري هندستان جا مک ليڊر آيا، شهيد الله بخش سومرو پاڻ انهن ڪانفرنس ۾ آيو ۽ انهن هارين سان پاڻ گڏجي هيٺ ويهي رهيو ته جئين انهن ۾ احساس پيدا ٿئي ته اسان جي به حيثيت آهي. شهيد الله بخش سومرو زميندارن کي چوندو هو ته جي هاري ۽ هارين جا ٻار خوش نه آهن ته اوهان به خوش رهي نٿا سگهو، شهيد الله بخش سومرو پنهنجي دور حڪومت ۾ سڄي سنڌ ۾ لائبريريون کولرايون ۽ انهن ۾ بهترين قسمن جا ڪتاب ۽ اخبارون پڻ مُهيا ڪرايا ته جئين ماڻهن ۾ شعور وڌي. اسڪولن ۾ پنهنجي ذاتي خرچ تي سليٽون ۽ ڪتاب ڏنا، ٻهراڙي لاءِ مٺي پاڻي لاءِ نلڪا لڳرائي ڏنا، آخر ۾ هن هڪ تنظيم قائم ڪرائي جنهن اُهي ڪم ڪيا. انهي تنظيم Self Defenseلاءِ ماڻهن ۾ سجاڳي آندي ۽ ڳوٺن ۾ انهن ماڻهن کي ان تنظيم ۾ شامل ڪيو ويو ۽ انهن جي ٽريننگ ڪرائي وئي، شهيد الله بخش سومرو هڪ ديني ماڻهو به هيو، نماز جو پابند روزي رکڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيندو هو، پنهنجي ٻارن جهڙوڪ پٽن ۽ ڌيئرن کي به نماز هي پابندي جي تلقين ڪندو هيو ۽ سياري ۾ ته ننڍڙين نياڻين لاءِ پاڻي به پاڻ گرم ڪري انهن کي چوندو هو ته پاڻي گرم آهي اُٿو وضو ڪيو ۽ نماز پڙهو. شهيد الله بخش سومرو کي شڪارپور سان ڏاڍو پيار هو. سموري سنڌ سان ماءُ جيان محبت ڪندو هيو. هن کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان انتهائي محبت هئي. هو چوندو هو سنڌ جون شيون واپاريو ۽ جي نه مڙو ته گجرات جون استعمال ڪيو. شهيد الله بخش سومرو چاهي پيو ته سنڌ ۾ سجاڳي اچي. سنڌي ماڻهن کي پنهنجي پرائي جي سڃاڻ هجي، پنهنجي حقن لاءِ هو اڳتي اچن، تعليم عام ٿئي، ڪتاب ۽ لائبريريون سنڌ جي هر شهر ۾ هجن، اهڙي جدوجهد جي ڪري انگريز سرڪار شهيد الله بخش سومرو جي حڪومت کان راضي نه هوندي هئي. شهيد الله بخش سومرو جي حڪومت اچڻ شرط انگريز سارڪار جا وڏيرن کي ڏنل پروانا ختم ڪيا. هن پنهنجي سرڪار جا مئجسٽريٽ مقرر ڪيا. اهڙي نموني سان انگريز سرڪار طرفان ڪيل ڪيترائي حڪم ناما، هن ختم ڪيا، هن جيڪي خصوصي طور سردارن ۽ جاگيردارن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏنا ويا هئا. شهيد الله بخش سومرو هڪ انقلابي انسان هو.