101

ڏهرڪي ٽرين حادثو، ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي…!!

ايڊيٽوريل

ڏهرڪي ڀرسان هڪ ڀيرو وري خوفناڪ ٽرين حادثو ٿيو آهي، جنهن ۾ 51 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا آهن، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿيا آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪراچي کان سرگوڌا ويندڙ ملت ايڪسپريس جون 8 بوگيون پٽڙي تان لهي ٻئي ٽريڪ تي ڪري پيون ۽ سامهون ايندڙ سر سيد ايڪسپريس ڄاڻايل بوگين سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب حادثو پيش آيو، حادثي کان فوري پوءِ مقامي ماڻهن پهچي زخمين ۽ لاشن کي ريسڪيو ڪيو، جڏهن ته اطلاع تي پوليس، ريلوي عملدار ۽ پاڪ فوج جا جوان پڻ پهچي ويا، جنهن بعد زخمين کي گهوٽڪي، ڏهرڪي، رحيم يار خان، پني عاقل ۽ سکر جي اسپتالن ۾ نيو ويو، ڊي ايس ريلوي مطابق ملت ايڪسپريس جون 8 بوگيون 3 لک 38 منٽن تي ٽريڪ تان لٿيون ۽ ٺيڪ ٻن منٽن بعد سر سيد ايڪسپريس بوگين سان ٽڪرائجي وئي، حادثي ۾ 2 اهلڪارن سميت 4 ملازم به فوت ٿيا آهن، جڏهن ته حادثي کانپوءِ روهڙي مان هيوي مشينري گهرائي بوگين ۾ ڦاٿل زخمين ۽ لاشن کي ٻاهر ڪڍيو ويو، جڏهن ته حادثي واري هنڌ تي ميڊيڪل رليف ڪئمپ قائم ڪري معمولي ۽ ٻين زخمين کي طبي امداد پڻ ڏني وئي، آءِ ايس ي آر مطابق ٽرين حادثي واري هنڌ تي امداد ۽ بچاءَ لاءِ ڪوششون جاري آهن، فوج ۽ رينجرز جا دستا امدادي ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن، پني عاقل مان ايمبولينسن سان گڏ فوجي ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل عملو پڻ پهچي ويو آهي، انجنيئرنگ وسيلا ۽ ضروري امداد به روانو ڪيو ويو آهي، فوج جي خاص انجنيئرنگ ٽيم اربن سرچ اينڊ ريسڪيو راولپنڊي کان رواني ڪئي وئي آهي ۽ ملتان مان 2 هيليڪاپٽر به پهچايا ويا آهن، جڏهن ته حادثي ۾ ٻنهي ٽرينن جا ڊرائيور محفوظ رهيا آهن، ريلوي عملدارن حادثي جي جاچ لاءِ 21 هين گريڊ جي آفيسر جي سربراهي ۾ جاچ ٽيم قائم ڪندي فوتي ماڻهن جي وارثن لاءِ في ماڻهو 15 لک رپين جي امداد جو اعلان ڪيو آهي ۽ وڌيڪ زخمين لاءِ 3 لک ۽ معمولي زخمين لاءِ 50 هزار رپين جي انعام جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي، حادثي بعد مختلف ٽرينن کي مختلف اسٽيشنن تي روڪيو ويو آهي، جتي اهي ڪيتري ئي وقت کان بيٺل آهن، حادثي سبب اپ ٽريڪ 1100 فوٽ ۽ ڊائون ٽريڪ 300 فوٽ متاثر ٿيو آهي، جنهن جي بحالي جو ڪم پڻ جاري آهي. ڪيترن ئي معمولي زخمي مسافرن کي فرسٽ ايڊ بعد پنهنجين منزلن طرف روانو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان ريلوي سيفٽي جي خرابين جي جامع تحقيقات جو حڪم ڏنو آهي، ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته گهوٽڪي ۾ اڄ صبح ٿيل خوفناڪ حادثي ۾ مسافرن جي موت تي ڏکارو آهيان.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو