سکر (ويب ڊيسڪ) ڏھرڪيءَ ويجھو ملت ايڪسپريس ۽ سرسيد ايڪسپريس ٽرينن وچ ۾ حادثي سبب ٻئي ڏينهن فوتين جو انگ وڌي 65 ٿي ويو، جڏھن تـه زخمين جو انگ 150 کان وڌي ويو آھي جن مان 10 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. تفصيلن موجب آچر ۽ سومر جي وچ واري رات پوڻين چئين وڳي ڪراچيءَ کان فيصل آباد ويندڙ 17 اپ ملت ايڪسپريس جون 08 بوگيون ڏھرڪيءَ ڀرسان ريتي لين ريلوي اسٽيشن ويجھو ٽُو پاٽ ٿي پٽڙيءَ تان لھي ويون. جڏھن تہ ڪجھ گھڙين بعد ئي لاھور کان ڪراچيءَ ويندڙ 36 ڊائون سرسيد ايڪسپريس پٽڙين تان لھي ويل ملت ايڪسپريس جي بوگين سان ٽڪرائجي وئي. جنھن جي نتيجي ۾ سر سيد ايڪسپريس جي انجڻ ۽ بوگيون بہ پٽڙيءَ تان لھي ويون. ٻڌايو وڃي ٿو تہ حادثي سبب ڪيترائي مسافر ٿڏي تي اَجل جو شڪار ٿيا. جڏھن تہ مقامي ماڻھن, ريلوي, ضلعي پوليس, رينجر ۽ پاڪ فوج جي جوانن توڙي ايڌي رضاڪارن امدادي ڪاررواين ۾ حصو وٺي فوتين ۽ زخمين کي تباھ ٿيل بوگين مان ڪڍيو. ڊي سي گھوٽڪي عثمان عبدالله اڱاري ڏينھن 12 وڳي تائين تصديق ڪندي چيو تـ حادثي سبب 62 مسافر اجل جو شڪار ٿيا آھن. جڏھن تـ اڱاري جي منجھند تائين فوتين جو انگ وڌي 65 ٿي ويو. ڊي سي گھوٽڪيء اھو پڻ چيو تـه بوگين ۾ اڃان بـه ڪجھ مسافر ڦاٿل آھن جن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ايڌي رضاڪارن ۽ ريلوي پوليس جي ذريعن جو چوڻ آھي تـ حادثي ۾ زخمي ٿيلن جو انگ 150 ٿي ويو آھي. زخمين جو علاج ڏھرڪي، ميرپور ماٿيلو ۽ صادق آباد جي اسپتالن ۾ ھلندڙ آھي.
100