فائرنگ 106

ڪراچي جي ضياءُ ڪالوني ۾ گهر اندر پستول جي گولي اوچتو فائر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ضياءُ ڪالوني ۾ گهر اندر پستول جي گولي اوچتو فائر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان زخمي ٿي پيو آهي. تفصيل مطابق ڪراچي جي گلشن اقبال ٿاڻي جي حد ۾ واقع ضياءُ ڪالوني بلاڪ هڪ ۾ پنهنجي ئي پستول مان گولي لڳڻ سبب 19 ورهين جو نوجوان محمد مبين پٽ محمد فاروق زخمي ٿي پيو جنهن کي جناح اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو