واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي وبا سبب فوتگين جو انگ 29 لک 60 هزار تائين پهچي ويو. جڏهن ته مختلف ملڪن ۾ موذي وائرس سبب متاثرن جو انگ 17 ڪروڙ 43 لک کان وڌي ويو آهي. اڱاري تي آمريڪي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جوانگ 12703380 آهي، وائرس متاثر ملڪن مان هاڻي تائين 3752212 حياتيون ڳڙڪائي چڪو آهي. سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي فعال متاثرن جو انگ 12703380آهي، ڪورونا وائرس جي وبا سبب آمريڪا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب هاڻي تائين مجموعي فوتگين جو انگ دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. برازيل ڪورونا وائرس سبب فوتگين جي لحاظ کان ٻيو ۽ متاثر مريضن جي حوالي سان ٽئين نمبر تي آهي جڏهن ته ڀارت ڪورونا وائرس جي مريضن جي اعتبار سان ٻيو ۽ ميڪسيڪو فوتگين جي انگن اکرن سان ٽيو شديد متاثر ملڪ آهي. ڀارت ۾ موذي ڪورونا وائرس جي وبا سبب فوتگين جو انگ 3 لک 51 هزار کان وڌي ويو آهي. سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي ٻئي ۽ ٽئين لهر جي دوران به آمريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون آهن. ٻئي طرف لاطيني آمريڪي ملڪ برازيل ۾ موذي ڪورونا وائرس سان وڌيڪ 4 لک 74 هزار ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن بعد فوتگين جو انگ وڌي 4 لک74 هزار کان وڌي ويو آهي جڏهن ته ملڪ ۾ مريضن جو انگ هڪ ڪروڙ 69 لک 85 هزار تائين پهچي ويو آهي. ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جا 28996949 وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ۽ نئين فوتگيون351344 ٿيون آهن جڏهن ته متاثرين جو مجموعي انگ هڪ ڪروڙ 36 لک 89 هزار کان وڌي ويو آهي. ملڪ ۾ موذي ڪورونا وائرس جا ڪيس ڳڻي جي حد تائين اضافو ٿي رهيو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ لڳ ڀڳ 86498 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ان دوران وڌيڪ 2123 مريض فوت ٿي ويا جنهن بعد فوتگين جو انگ وڌي 351344 ٿي ويو آهي.
188