121

وزيراعظم پاران ڪينيڊا ۾ پاڪستاني خاندان جي قتل جي مذمت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ڪينيڊا جي صوبي اونٽاريو جي علائقي لنڊن ۾ پاڪستاني ڄائي مسلمان ڪينڊين خاندان جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي ان واقعي سان اولهندي ملڪن ۾ وڌندڙ اسلاموفوبيا جي خبر پوي ٿي، اڱاري ڏينهن هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم پاڪستاني ڄاول ڪينڊين مسلمان خاندان جي قتل تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته دهشتگردي جو اهو قابل مذمت قدم اولهندي ملڪن ۾ وڌندڙ اسلاموفوبيا کي ظاهر ڪري ٿو، هن چيو ته عالمي برادري کي گهرجي ته هو اسلاموفوبيا کي روڪڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو