185

صدر پاران ڪوڙين خبرن جي حوصلا شڪني تي زور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪوڙين خبرن جي وڌندڙ لعنت جي حوصلا شڪني تي زور ڏنو آهي، ڇاڪاڻ جو اها معاشري ۾ انتشار ۽ ماڻهن جي لاءِ پريشاني جو سبب بڻجندي آهي، هن چيو ته ميڊيا اخلاقي قدرن جي فروغ ۽ غلط معلومات جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پيمرا معلومات جي آزاداڻي فراهمي يقيني بڻائي معلومات، تعليم ۽ تفريح جي معيار کي بهتر بڻائي اهڙن خيالن جو اظهار پيمرا جي چيئرمين محمد سليم بيگ سان ملاقات دوران ڪيو، ملاقات دوران پيمرا جي چيئرمين صدر کي پاڪستان ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي آزاداڻي فروغ ۽ سهولت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي اداري جي سالياني رپورٽ 20 -2019ع پيش ڪئي، هن ملڪ ۾ سچي ۽ صحيح معلومات جي فراهمي لاءِ کنيل قدمن کي به اجاگر ڪيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته معاشري کي ڪوڙين خبرن جو چئلينج درپيش آهي ۽ اها لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن جي ذميداري آهي ته هو ڪوڙين خبرن جي پکيڙ کان پاسو ڪري، ڇاڪاڻ جو ان سان ماڻهن کي مسئلن جو منهن ڏسڻو پوندو آهي، صدر چيو ته غلط  خبرون پکيڙڻ اسلام جي روح جي منافي آهي ۽ اها ميڊيا هائوسز جي ايڊيٽوريل بورڊ ۽ عالم سڳورن جي اخلاقي ذميداري آهي ته هو ڪوڙين خبرن جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ انهن جي رهنمائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن پيمرا جي چيئرمين تي زور ڏنو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جي زريعي غير جانبداراڻي صحيح ۽ تصديق ٿيل معلومات جي پکيڙ کي يقيني بڻائين ته جيئن ڪوڙين خبرن کي روڪڻ کي يقيني بڻائي سگهجي، صدر پيمرا جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ پيمرا جي چيئرمين کي پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو