اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 53 فوتگيون ٿيون جنهن مان 18 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 383 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 57 سيڪڙو، لاهور ۾ 29 سيڪڙو، پشاور ۾ 23 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 38 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 32 سيڪڙو، ايبٽ آباد ۾ 32 سيڪڙو، پشاور ۾ 29 ۽ گجرانوالا ۾ 29 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 46 هزار 882 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 15 هزار 115، پنجاب ۾ 18 هزار 948، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 824، اسلام آباد ۾ 3 هزار 33، بلوچستان ۾ هڪ هزار 210، گلگت بلتستان ۾ 333، آزاد ڪشمير ۾ 419 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 67 هزار 447 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 402 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 46 هزار 190 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 35 هزار 13 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 19 هزار 538، بلوچستان ۾ 25 هزار 893، گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 655، اسلام آباد ۾ 81 هزار 806، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 34 هزار 781، پنجاب ۾ 3 لک 42 هزار 805 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 24 هزار 535 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 21 هزار 376 آهي جن مان سنڌ ۾ 5 هزار 144 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 10 هزار 349 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 28 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 7 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 164 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 06 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. اسلام آباد ۾ ڪل 766 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. بلوچستان ۾ 290 فوتگيون ٿيون, جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. گلگت بلتستان ۾ 107 فوتگيون. آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 556 فوتگيون ٿيون. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا هڪ ڪروڙ 36 لک 19 هزار 766 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 639 اسپتالن ۾ 3 هزار 446 مريض علاج هيٺ آهن.
