144

ساٿين کي ڇڏائڻ لاءِ هاري ڳئون کي گواهه طور ٿاڻي تي وٺي آيو!

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت مان هر ڏينهن ڪا نه ڪا دلچسپ خبر ايندي رهندي آهي، اهڙي ئي هڪ خبر ڀارت جي رياست هريانه جي شهر توهانه مان آئي آهي، جتي هڪ هاري ساٿين کي ڇڏائڻ لاءِ ڳئون کي گواهه طور ٿاڻي تي وٺي آيو، ڀارتي ميڊيا مطابق  ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس ٻن هارين کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته ساٿين کي ڇڏائڻ لاءِ هڪ هاري پنهنجي ڳئون کي وٺي ٿاڻي تي گواهي ڏيڻ لاءِ پهتو، ٿاڻي تي هاري موقف اختيار ڪندي چيو ته هي ڳئون ان ڳالهه جي شاهد آهي ته پوليس اسان جي ٻن همراهن کي گرفتار ڪيو. هارين معصوماڻي انداز ۾ پوليس کي چيو ته هي ڳئون 41هين گواهه آهي، جنهن اسان جي ساٿين کي پوليس هٿان گرفتار ڪري ڏٺو، بعد ۾ ٻنهي هارين کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو