ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه تعليم وارو صوبائي وزير سعيد غني سان گڏ بحريه ٽائون ڪراچي جو دورو ڪيو، ان موقعي تي بحريه ٽائون انتظاميا ٿيل نقصان بابت کين آگاهي ڏني، بحريه ٽائون ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته احتجاج ڪرڻ سڀني جو حق آهي، پر ڪنهن کي به بدمعاشي ڪرڻ نه ڏينداسين، احتجاج ڪندڙن يقين ڏياريو ته اسان رڳو احتجاج ڪنداسين ۽ پنهنجو پروگرام ختم ڪنداسين، پر سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿيو، روڊ بلاڪ ٿيو، بحريه ٽائون جا نقصان ڪيا ويا، جڏهن ته ملڪ جي خلاف به نعرا هنيا ويا، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي.هن چيو ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو اسان کي موڪليو آهي، جيڪو نقصان ٿيو آهي، سنڌ حڪومت ان جو ازالو ڪندي، اها پڻ خاطري ڪرايون ٿا ته هتي اهڙي قسم جو ڪو به واقعو نه ٿيندو.سيد ناصر حسين شاهه چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه ان معاملي جي سخت جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جيڪو به ملوث هوندو ان خلاف ڪارروائي ٿيندي، هن چيو ته جيڪو احتجاج ڪري ٿو، ان کي اهو حق آهي، پر جيڪو هتي ڪاروبار ڪري ٿو، ان کي به حق آهي، پر اهڙي قسم جا رويا برداشت نٿا ڪري سگهجن. وڏي وزير مراد علي شاهه سيڪيورٽي ليبس ۽ نقصان جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته بحريه ٽائون ۾ رهندڙ ماڻهن جو ڇو نقصان ڪيو ويو، جڏهن ته ا ن موقعي تي ڳالهائيندي تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته پرامن احتجاج ڪرڻ سڀني جو حق آهي، سنڌ حڪومت ان معاملي جي سنجيدگي سان جاچ ڪرائڻ چاهي ٿي ته ان پويان ڪهڙا مقصد هئا. هن چيو ته جيڪڏهن توهان کي ڪنهن ڳالهه جو اعتراض هو ته شهرين جو ڇو نقصان ڪيو. هتي خوف وارو ماحول پيدا ڪيو ويو. هن چيو ته بحريه ٽائون ۾ اڪثريت سنڌين جي آهي، اهي سنڌي آهن، هن چيو ته ڪراچي ۾ مس مس امن ٿيو آهي، ان کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.هن اشو کي بنياد بڻائي شهر جي صورتحال خراب ڪئي وئي. انهي پويان ڪهڙيون قوتون ۽ طاقتون آهن انهن خلاف جاچ ٿيندي.هن چيو ته پوليس جيڪڏهن تڪڙو قدم نه کڻي ها ته وڌيڪ نقصان ٿي پئي سگهيو.
118