107

وزيراعظم جو صوبن کي قانونسازي لاءِ هدايت ڪرڻ اختيار جو آمراڻو استعمال آهي:عدالت

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ضابطه ديواني ترميمي آرڊيننس ڪالعدم قرار ڏيڻ جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي، جسٽس شاهد ڪريم پنجاب بار ڪائونسل جي درخواست تي فيصلو ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم جو صوبن کي قانونسازي لاءِ هدايت ڪرڻ اختيار جو آمراڻو استعمال آهي، وزيراعظم جي هدايت کي اعتراض کانسواءِ تسليم ڪرڻ پنجاب جي گهيري غلامي کي ظاهر ڪري ٿو، جڏهن ته ترميمي آرڊيننس قانون جي استعمال کي وڏي خطري ۾وڌو آهي،لاڳاپيل اختيارين کي قانوني دائري ۾رهندي ڪم ڪرڻو پوندو.وزيراعظم جي پنجاب کي قانونسازي لاءِ ڏنل هدايت غيرقانوني آهي،اهو وفاق يا صوبن جي خودمختياري کي نقصان پهچائڻ برابر آهي، پنجاب وفاق جي حڪم تي عمل ڪري نه رڳو صوبائي اختيار ختم ڪيو پر حقن تي به سودو ڪيو ويو، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته ترميم آرڊيننس جو ڊرافٽ به وفاقي حڪومت پنجاب حڪومت کي ڏنو، ترميم کان اڳ پنجاب حڪومت ڊرافٽ تي پاڻ مرادو غور ئي نه ڪيو.آئيني اختيار جي دائري ۾ رهندي وفاق صوبن جي معاملن ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي. قانون ۽ انصاف ۽ پارلياماني معاملن وزيراعظم جي هدايت تي عمل ڪري، ٽپالي جو ڪردار ادا ڪيو آهي. عدالت هن کي ڪالعدم قرار ڏنو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو