102

نيو سعيد آباد لڳ پرڻيل ناري مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي، موت جو ٻڌي ڀائٽي انت آڻي ڇڏيو

نيوسعيد آباد (ويب ڊيسڪ) نيوسعيدآباد جي ڳوٺ پريو بھڻ ۾6 ٻارن جي ماءُ پروين زال پنھل بھڻ گھر اندر ڦاھو کائي پنھنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، عورت جي خودڪشي جي خبر ملڻ تي ساڳي ڳوٺ جي رھواسي نيو سعيدآباد شھر ۾ موجود 20 سالا نوجوان حب علي بھڻ ھلندڙ مسافربس اڳيان پاڻ ڇڏي پنھنجي زندگي جو خاتمو آڻي ڇڏيو، ٻنھي جا لاش تعلقا اسپتال نيوسعيدآباد آندا ويا، جتي ٻنھي جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، عورت جو لاش سندس ڀاءُ صدام زرداري اباڻي ڳوٺ نوابشاھ کڻائي ويو، آخري اطلاعن تائين ٻنھي واقعن جو ڪيس داخل نه ٿيو هو، جانچ آفيسر شھزادو راھو جو چوڻ ھو ته خودڪشين جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جانچ ڪري رھيا آھيون، جڏھن ته علائقي ۾ چوٻول آھي ته ٻنھي ۾ ناجائز تعلقات ھئا، مھڻا ملڻ ۽ الزام لڳڻ تي عورت خودڪشي ڪئي، اطلاع ملڻ تي نيوسعيدآباد ۾ موجود نوجوان به خودڪشي ڪري ڇڏي، ٻي طرف فوتي عورت جيڪا زرداري ھئي ۽ نوابشاھ جي رھواسي ھئي، سندس شادي پنھل بھڻ سان ٿي ھئي، کيس 6  ٻارن جو اولاد به ھو، عورت نوجوان جي چاچي ٻڌائي پئي وڃي، ان جي ڀاءُ صدام حسين زرداري چيو آھي ته منھنجي ڀيڻ کي ماريو ويو آھي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو