120

مراد علي شاهه تي پاور پلانٽ ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت ۾ اڱاري ڏينهن ڪوڙن اڪائونٽس ۽ نوري آباد پاور پلانٽ ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي. احتساب عدالت سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.  عدالت نوري آباد پاور پلانٽ ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 30 جون جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي، عدالت ۾ وڏو وزير مراد علي شاهه پيش نه ٿيو، هڪ ڏينهن حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪرائي وئي، عدالت شريڪ جوابدار محمد علي کي اشتهاري قرار ڏئي گرفتاري لاءِ  وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو