109

فرانسيسي صدر ميڪرون کي هڪ شخص چماٽ وهائي ڪڍي، پاليسين خلاف نعرا، ساٿي سميت گرفتار

پئرس(ويب ڊيسڪ) فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون کي هڪ شخص چماٽ وهائي ڪڍي، پاليسين خلاف نعرا هنيا، ساٿي سميت گرفتار. رپورٽ موجب صدر ايمانوئل ميڪرو ڊروم ۾ هوٽل مالڪن ۽ شاگردن سان ملاقات لاءِ ويو هو، جتي ماسڪ پاتل هڪ شخص صدر ميڪرون جو هٿ پڪڙي کيس چماٽ وهائي ڪڍي، چماٽ هڻندڙ شخص ميڪرون جي نظريي ۽ پاليسين خلاف نعرا پڻ هنيا، سيڪيورٽي فورسز کيس موقعي تان گرفتار ڪري ورتو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو