156

ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي جي حفاظتي ضمانت منظور

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادرمگسي جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ڇڏي، ايڊووڪيٽ غلام الله چانگ وڪيل معرفت ڊاڪٽر قادر مگسي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي، جنهن جي ايڊووڪيٽ ماما يوسف لغاري ۽ محمد سچل اعواڻ معاونت ڪئي. جسٽس محمد ڪريم خان آغا ۽ جسٽس ذوالفقار علي سانگي تي مشتمل ڊويزن بئنچ چيمبر ۾ ٻڌڻي ڪئي. عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي کي ٽن ڪيسن مان 25،25 هزار رپين جا مچلڪا ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي حفاظتي ضمانت منظور ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اي ايس پي ڪينٽ اياز حسين جي سربراهي ۾ پوليس عدالت ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي بيٺل رهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ مان حفاظتي ضمانت ڪرائڻ به ڊاڪٽر قادر مگسي سڀاڻي يا ٻئي ڏينهن لاڳاپيل اي ٽي سي ڪورٽ مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائيندو. ڊاڪٽر قادر مگسي سان عدالت ۾ پارٽي اڳواڻ ڊاڪٽر حميد سومرو، حيدر شاهاڻي، قادر چنا سميت ڪارڪن رياض لاکو، راڻا ملتان ٺاڪر ۽ ٻيا وڏي انگ ۾ گڏ هئا. هوڏانهن ڊاڪٽر قادر مگسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران اسان مٿان ڪيس داخل ڪرڻ سان ئي سندن نيت واضع ٿي وئي آهي ته هو چاهين ٿا ته بحريه ٽائون خلاف جدوجهد ختم ٿئي ته جيئن سنڌ جون زمينون تين وال ڪري سگهن. اسان رڳو اهو پيغام ڏيڻ پئي چاهيو ته بحريه جون سرگرميون قبول ناهن، اهو پيغام عام ٿي ويو، هو سمجهن ٿا ته پارٽين کي پوئتي ڌڪڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته سندن خام خيالي آهي. بجيٽ سيشن جي تاريخ اعلان ڪيو ويو ته سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻنداسين، اهو هڪ ڏينهن جو ڌرڻو نه هوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو