اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ سرڪاري گهرن جي غيرقانوني الاٽمينٽ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، لاڳاپيل ڌريون پيش ٿيون، چيف جسٽس رمارس ڏيندي چيو ته سرڪاري گهرن جي غيرقانوني الاٽمينٽ آهي،قبضا ڇڏايا؟ذميوارن کي جيل ۾وجهنداسين، حڪومت صحيح رپورٽ نه پئي ڏئي، چيف جسٽس لاڳاپيل اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته ڪيترن ئي سرڪاري گهرن تي غيرقانوني قبضو آهي،ڪيترا غيرقانوني الاٽمينٽ ڪيا ويا آهن؟ غلط رپورٽ ڏيندڙ ذميوارن کي جيل موڪلينداسين، ٻڌايو ته ڪيترن سرڪاري ملازمن ڊبل الاٽمينٽ ڪرائي آهي، چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته وفاق ڪيترن سرڪاري گهرن تان قبضو ڇڏايو،انهن گهرن جو ڇا ڪيو،ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ ڏني وڃي، جنهن بعد ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
100